اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله صدر عارف علوي جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته صدر علوي پنهنجي اوقات ۽ آئيني دائري ۾ رهي، عمران خان کان دهشتگردي ڪرڻ جو جواب وٺو، عمران خان جي حڪم تي ڪٺ پتلي نه بڻجو، آئين ۽ قانون ٽوڙيندڙ آئيني عهدي تي مڙهيل آهي، ڪلما پڙهندي سياسي مخالفن تي 15 ڪلو هيروئن لڳائي ڇڏيو، ان وقت انساني حق ڪٿي هئا، ڇا اپوزيشن ليڊر کي موت جي چڪي ۾ انساني حقن جي مطابق وڌو ويو هو، سياسي مخالفن جي ڀينر، ڌيئرن کي سزاءِ موت جي چڪين ۾ انساني حقن جي مطابق وڌو ويو هو، صحافين جون هڏيون پاسيريون ٽوڙيون ويون، ان وقت انساني حق ڪٿي هئا، پوليس جا مٿا ڦاڙڻ، پيٽرولم بم، گوليون، گليلون انساني حقن جي مطابق هلايون ويون؟ عمران خان کي خط لکو ته 190 ملين پائونڊ پاڪستان کي واپس ڪري، عمران خان کي خط لکو ته ٽرين خان کي قبول ڪيو، اهو سڀ حقن جي ڀڃڪڙي آهي،عمران خان کي خط لکو ته توشا خاني ۽ فارين فنڊنگ جو عدالت ۾ جواب ڏيو.