ٽڪ ٽاڪر مسڪان قتل ڪيس:مُک جوابدار جي سڃاڻپ ٿي وئي

0
377

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٽڪ ٽاڪر مسڪان شيخ سوڌو 4 ماڻهن جي قتل واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ڪراچي جي مقامي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ۽ مک جوابدار رحمان جي سڃاڻپ واري پريڊ مڪمل ٿي وئي، پريڊ دوران جوابدار کي اکئين ڏٺي شاهد سڃاڻي ورتو، جوابدار کي 10 ڊميز جي وچ ۾ بيهاريو ويو هو، سڃاڻپ پريڊ کانپوءِ عدالت جوابدار کي عدالتي ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان ڪيس جو چالان طلب ڪري ورتو، واضح رهي ته ٽڪ ٽاڪر مسڪان شيخ سوڌو 4 ماڻهن کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو، جوابدار رحمان جي خلاف نبي بخش ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي، ڪيس ۾ شريڪ جوابدار عورت سويره ضمانت تي آهي.