سکر پوليس پاران ٻن نوجوانن کي مبينا کنڀي گم ڪرڻ خلاف مظاهرو

0
315

سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي رهواسي عورتن ۽ مردن پاران سکر پوليس پاران ٻن نوجوانن شاهد لاشاري ۽ آصف لاشاري کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي مائي پروين خاتون، اقبال خاتون لاشاري، راشد لاشاري، فرقان لاشاري، شوقت ۽ ٻين الزام مڙهيندي دانهيو ته گذريل ڏينهن سکر جي عدالت مان واپسي تي سکر پوليس اسان جي ٻن نوجوانن شاهد ۽ آصف لاشاري کي برادري جي بااثر شخص جي چوڻ تي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو آهي ته سکر جي سڀني ٿاڻن تي ڳولا لاءِ ويا آهيون پر پوليس نوجوانن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي جنهن سبب خدشو آهي ته سکر پوليس بااثر جي چوڻ تي اسان جي نوجوانن کي ڪوڙي مقابلي ۾ ماري نه ڇڏي، هنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، آئي جي سنڌ، ايڊيشنل آئي جي سکر ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته پوليس پاران کنڀ گم ڪيل نوجوانن کي بازياب ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.