ٽوڪيو اولمپڪس ۾ پاڪستاني جي آخري اميد ارشد نديم به ميڊل نه کٽي سگهيو

0
415
پاڪستاني جي آخري اميد ارشد نديم
ٽوڪيو اولمپڪس ۾ پاڪستاني جي آخري اميد ارشد نديم به ميڊل نه کٽي سگهيو!!

ٽوڪيو: اولمپڪس ۾ جولين ٿرو جي فائنل رائونڊ ۾ پاڪستان جي آخري اميد به ان وقت دم ٽوڙي وئي جڏهن ارشد نديم ميڊل جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي ويو. ٽوڪيو اولمپڪس جي جيولين ٿرو جي فائنل مقابلي جي پهرين رائونڊ ۾ 12 ايٿليٽ شامل هئا، جن مان 8 ٻئي مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو، جن ۾ ارشد نديم 84.62 جي اسڪور سان چوٿين نمبر تي رهيو.

ميڊل رائونڊ ۾ ٽاپ ٽن رانديگرن کي سون ، چاندي ۽ پتل جا تمغا ملڻا هئا پر ارشد نديم هن راؤنڊ ۾ شاندار ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو ۽ ميڊل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويو. فائنل رائونڊ ۾ پاڪستان جو ارشد نديم پنجين نمبر تي رهيو. ڀارت جي نيرج چوپڙا گولڊ ، چيڪ ريپبلڪ جي جيڪب واڊليچ چاندي ۽ چيڪ ريپبلڪ جي ئي ويٽ سلاو ويزلي برونز کٽيو.

حيرت انگيز طور تي، دنيا جو نمبر ون جرمني جو جوليان ويبر به ميڊل جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي ويو ۽ چوٿين نمبر تي رهيو. اھڙيءَ طرح ، پاڪستان جو ٽوڪيو اولمپڪس جو سفر ختم ٿي ويو ۽ ان جا 10 رانديگر ڪو به ميڊل کٽي نه سگھيا.