ٽنڊومحمدخان (رپورٽ امتياز مڱريو)  ٽنڊومحمدخان ضلعي جي ڪل آبادي 6لک 77هزار کان مٿي آهي ٽنڊومحمدخان کي ضلعي جو درجو ملندي 17 سال گذرڻ تي آهن پر هتي عوام جا مسئلا ساڳيا ئي برقرار آهن ، سول اسپتال جي نئين بلڊنگ تي 80 ڪروڙ کان مٿي لاڳت آئي پر اسپتال جي بلڊنگ صرف ڏيکاء آهي علاج واسطي ايندڙ ضلعي جي غريب مسڪين ماڻهن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال مان ڪو به لاڀ نه ملي سگهيو  آهي اسپتال جي ڪيترن ئي شعبن جا ڊاڪٽر موجود ئي ناهن جنهن  جو جواز اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته ڊاڪٽرن جي کوٽ هئڻ ڪري ڊاڪٽر موجود ناهن باقي مريضن کي علاج واسطي ڪابه بنيادي سهولت نه ملي رهي آهي وڏا آپريشن بند آهن جنهن ۾ پٿڙي ، اپندڪس، مساني .گڙدن  اکين جي آپريشن سميت مختلف بيمارين جا آپريشن نه ٿي رهيا آهن ڏندن جو شعبو ، بند پيل آهي  صرف ليڊي ڊاڪٽرياڻي پاران ڊليوري ڪيس دوران آپريشن ٿي رهيا آهن دوائن جي کوٽ آهي ليبارٽري پڻ غير فعال بڻيل آهي ڪيترائي ڊاڪٽر ڊيوٽين تان غائب آهن ۽ گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن جڏهن ته تعليم کاتي جي صورتحال به ساڳئي آهي ضلعي ۾ 200 جي لڳ ڀڳ سرڪاري اسڪول بند آهن ڪيترن ئي اسڪولن جون عمارتون ڪيترئي وقت کان ٺيڪيدارن کي پيمنٽون ٿيڻ باوجود اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهيون آهن ٽنڊومحمدخان ضلعي جي وڏي ۾ وڏي پراجيڪٽ پبلڪ اسڪول جو بنياد 2007 ۾ پيو جنهن کي 15 ڪروڙ جي لاڳت سان مڪمل ڪرڻو هو پر 14 سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ڪيو ويو آهي پبلڪ اسڪول جي اڪيڊمڪ بلاڪ ، هاسٽل بلاڪ ، ڪينٽين ۽ ليبارٽري ، لائبريري سيڪشن قائم ڪرڻو هو پر ايجوڪيشن ورڪس جي عملدارن جي نااهلي سبب الڳ ٽينڊر ڪري وڌيڪ 27 ڪروڙ  جي رقم ملي چڪي آِهي پر ايجوڪيشن ورڪس جي عملدارن اڃا به سنڌ سرڪار کي 30 ڪروڙ جي اڃا به ضرورت آهي ٻي پاسي پرائمري اسڪولن جي عمارتن جا افتتاح ته چونڊيل نمائيندن پاران ڪيا ويا آهن پر اهي عمارتون اڃا تائين مڪمل تعمير نه ٿي سگهيون آهن. ٽنڊومحمدخان ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر واري ميونسپل ڪاميٽي  جي سالياني بجيٽ 2 ڪروڙ 23لک روپيا آهي ۽ صفائي سٿرائي جي حوالي سان 180 ملازم موجود آهن جنهن ۾ 56 مختلف سرڪاري آفيسن ۽ وڏن ماڻهن جي بنگلن تي مقرر آهن شهر جي 19 وارڊن ۾ 178 ملازم ڊيوٽيون ڏئي رهيا آهن جيڪي  وارڊن کان علاوه مختلف سرڪاري عمارت سميت وڏن ماڻهن جي بنگلن تي ڊيوٽيون ڏئي رهيا آهن  پر شهر گندگي جي ور چڙهيل آهي روزانو شهر جي گهٽين ۽ مين روڊن تي گٽرن جو گندو پاڻي بيهجي وڃڻ معمول بڻيل آهي. واٽر سپلا ء جون ٽي اسڪيمون موجود آهن جن مان وڏي اسڪيم شهر جي برهان شاهه قبرستان سامهون آهي جنهن جي چوديواري نه هئڻ ڪري پاڻي ۾ رولو جانور سڄو ڏينهن ترندا رهندا آهن ڊرنيج سسٽم 50 سالن کان به اڳ جو آهي جيڪو مڪمل طور تي ناڪاره ٿي چڪو آهي جنهن ڪري برساتن دوران سڄو شهر برساتي پاڻي ۾ ٻڏل رهي ٿو، ضلعي جي 7 لک کان مٿي انساني آبادي واري علائقي ۾ مين بس اسٽاپ حيدرآباد ، بدين روڊ سجاول ٺٽي روڊ سميت ڪنهن به اسٽاپ تي مسافر خانا ۽ بس اسٽينڊ قائم نه ڪرڻ جي ڪري سنڌ جي 5 ضلعن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ ۾ سفر ڪندڙ مسافرن کي پريشانيون پيش اچي رهيون آهن ،  بس اسٽاپن تي اسٽاپ ڪندڙ مسافر گاڏين جي بيهڻ کانپوءِ کلي آسمان هجڻ ڪري سخت گرمي ۽ سردي واري موسم ۾ گاڏين ۾ سوار مرد ، عورتون ۽ ٻارڙا  مسافر گاڏين کان لهڻ بجاءِ جيڪو به وقت گاڏين کي بيهڻ لاءِ ملي ٿو اهو گاڏين جي اندر ئي پاڻ کي محفوظ رکن ٿا پر ٻاهر بس اسٽينڊ ۽ مسافر خانا نه هجڻ ڪري ڪا به سهوليت حاصل نه آهي ، شهر جي ميونسپل ڪميٽي . ٽائون ڪميٽين توڙي ضلعي ڪائونسل جي فنڊن باوجود ٽنڊو محمد خان ۾ اڪثر علائقن جي اندر مسافر خانا نه هجڻ به علائقي جي عوام لاءِ گذريل ڪيتري عرصي کان مٿي جو سور بڻيل آهي .