ٽنڊو ڄام ( ن پ ا ) ٽنڊو ڄام ۽ ڀرپاسي ۾ ڪتن جو آزار نه گهٽجي سگهيو، زرعي يونيورسٽي پاران ڪتا کسي ڪرڻ لاءِ مهم شروع ڪئي وئي آهي، زرعي يونيورسٽي جي ويلفيئر شعبي جي مدد سان ڪتا پکڙي کسي ويا ويندا، انتظاميا موجب زرعي يونيورسٽي جي اينيمل هسبنڊري ۽ وٽرنري سائينس شعبي پاران وائيس چانسلر فتح محمد مري جي ھدايتن تي ڪتن جي نسل ڪشي ڪرڻ لاءِ مهم شروع ڪئي وئي آهي، سرجري شعبي جا ماهر زرعي يونيورسٽي جي رهائشي ڪالوني سميت ڀر پاسي وارن علائقن ۾ نر ڪتا پکڙي کسي ڪيو ويندو، ڪتن کي زهر ڏئي مارڻ سان کير پياڪ ڪتن جا گلر بک مرن ٿا، هڪ سئو ڪتن جو ٽارگيٽ آهي، في ڪتي تي ست سئو رپيه خرچ ايندو.