ميهڙ ( ن پ ا ) ميهڙ شهر ڀرسان پراڻي دشمني تان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، ميهڙ شهر ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ دڪاندار غلام عباس چانڊيو تڏي تي مارجي ويو، سندس دوست بهه جو واپاري ذوالفقار علي عرف ڀٽو ميرجت سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو.