ٽنڊو غلام حيدر (رپورٽ: نظام چانڊيو) ڏندو ٿاڻي جي حد ڳوٺ هارون پلهه ڀرسان بابو ميمڻ جي پولٽري فارم  مان مبينا چوري جي ڪوشش دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پولٽري فارم جي چوڪيدار راهب علي لاشاري جي جوابي فائرنگ ۾ مبينا چور 32 سالن جو نورمحمد عرف نورو ولد سانوڻ اعواڻ مارجي ويو. جڏهن ته نامعلوم سندس 2 ساٿي چور فرار ٿي ويا. اطلاع بعد حد جي ڏندو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ٽنڊو غلام حيدر سرڪاري اسپتال آندو جتي پوسٽ مارٽم جي سهولت نه هجڻ بعد لاش ٽنڊو محمد خان هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن ڏندو ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ هو ته رات دير سان مارجي ويل نورمحمد عرف نورو اعواڻ ۽ سندس 2 نامعلوم ساٿي جيڪي چوري جي ارادي سان پولٽري فارم پهتا جتي چوڪيدار مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ جوابي فائرنگ ۾ هڪ چور مارجي پيو ۽ 2 نامعلوم چور فرار ٿي ويا. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته قتل ٿيل نورمحمد عرف نورو اعواڻ تي ضلعي بدين جي ماتلي، تلهار، راڄوخاناڻي سميت ضلعي ٽنڊومحمد خان جي مختلف ٿاڻن تي چوري جا ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل هئا جيڪو رات فائرنگ دوران مارجي ويو. هن چيو ته فرار ٿيل ٻن نامعلوم چورن خلاف جاچ ڪري رهيا آهيون، ٻئي پاسي پولٽري فارم جي چوڪيدار راهب علي لاشاري جي فرياد تي ٽنڊوغلام حيدر ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.