ٺٽو: گھوڙاٻاري ويجھو 11 ٻارڙن جي پيءُ ڦاھو کائي ڇڏيو

0
251

ٺٽو (ن پ ا) گھوڙاٻاري ويجھو 50 ورھين جي 11 ٻارڙن جي پيءُ گھر جي ڇت ۾ ڦاھو وجھي مبينا طور تي خودڪشي ڪري ڇڏي، لاش اسپتال منتقل، ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، ايس ايڇ او گھوڙاٻاري جو چوڻ آهي ته ڳوٺ غلام رسول پنھور جي رھواسي بصر مڙھائي گھريلو پريشاني سبب گھر جي ڇت ۾ ڦاھو وجھي خودڪشي ڪئي آهي.