وڏي وزير طرفان شهيد پوليس اهلڪار جي بيواهه ۽ ٻارن کي هڪ ڪروڙ معاوضو ڏيڻ جواعلان

0
273

لاڙڪاڻو: وڏو وزير مراد علي شاهه ڪچي ۾ ڌاڙيلن هٿان شهيد ٿيل پوليس اهلڪار ڪشور ڪمار اوڏ جي وارثن سان تعزيت لاءِ نئون ديرو پهتو، وڏي وزير ڪشور ڪمار جي گهر پهچي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو

 وڏي وزير چيو ته شهيد ڪشور ڪمار جي ٻارن جي تعليم جو خرچ سنڌ سرڪار ادا ڪندي، شهيد جي  بيوهه ۽ ٻارن کي هڪ ڪروڙ معاوضو ڏيڻ جو به اعلان ڪيو ويو

 وڏي وزير لاڙڪاڻي پهچي ڪي پي او تي دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيل اهلڪار غلام عباس لغاري جي وارثن سان تعزيت به ڪئي، وڏي وزير چيو ته شهيد زنده هوندا آهن ۽ اسان کي پنهنجن شهيدن تي ناز آهي

وڏي وزير جو چوڻ هو ته شهيدن جو خون رائيگان نه ويندو، ڌاڙيلن خلاف آپريشن وڌيڪ تيز ڪيو ويو آهي، ڏوهارين کي بخش نه ڪيو ويندو

هي به پڙهندا

پارليامينٽ کان وڌيڪ سپريم ٻيو ڪير به نه آهي: شرجيل ميمڻ