وڏي وزير جي صلاحڪار بابل ڀيو هٿيارن جي اسمگلنگ ۾ پُٽ جو نالو اچڻ تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، اسمگلنگ ۾ پنهنجي يا پُٽ جي ملوث هجڻ جي تريد، بابل چيو آهي ته جيڪب آباد مان غيرقانوني هٿيار پڪڙڻ واري معاملي تي غيرضروري سياست ڪئي وئي، غيرقانوني هٿيارن جو الزام هڻي ساک کي ڇيهو رسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، وڏي وزير جو صلاحڪار هجڻ جي حيثيت سان الزامن جي ترديد ڪريان ٿو، معاملي جي شفاف جاچ لاءِ عهدي تان استعيفيٰ ڏيان ٿو