ويسٽ انڊيز هٿان ڏکڻ آفريڪا کي 21 رنز تان شڪست

0
356

سينٽ جارج(اسپورٽس نيوز) ڪيرن پولاڊ جي جارحاڻي بيٽنگ ۽ ڊيوائن براوو جي شاندار بالنگ سبب ويسٽ انڊيز چوٿين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 21 رنز تان شڪست ڏئي سيريز 2-2 تان برابر ڪري ڇڏي، فيصلائتي ميچ اڄ کيڏي ويندي. سينٽ جارج ۾ کيڏيل سيريز جي چوٿين ميچ ۾ هوم ٽيم جي اوپنر لنڊل سيمنز 32 بالن تي 47 رنز ٺاهيون ٻئي طرفان وڪيٽون ڪرنديون رهيون، ڪپتان ڪيرن پولارڊ 5 ڇڪن جي مدد سان 25 بالن تي 51 رنز ٺاهي ٽيم جو اسڪور 6 وڪيٽن تي 167 رنز تائين پهچايو. جواب ۾ ڏکڻ آفريڪا طرفان ڪونٽين ڊي ڪوڪ شاندار بيٽنگ ڪئي پر ٻيو ڪو به رانديگر بيهي نه سگهيو، ڊي ڪوڪ 60 رنز جي اننگز براوو ختم ڪئي. براوو رڳو 19 رنز ڏئي 4 رانديگرن کي آئوٽ ڪري پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري.