وقت اچي ويو آهي ته وزيراعظم کي ٻاهر ڪڍون: آصف زرداري

0
297

اسلام آباد: پيپلز پارٽي جي سربراه ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته وقت اچي ويو آهي ته هن وزيراعظم کي ٻاهر ڪڍجي. هن چيو ته آئون دشمنن کي به سڃاڻان ٿو ۽ دوستن کي به ڄاڻان ٿو، هاڻي اُهو وقت اچي ويو آهي ته اسان اڳتي وڌي وزيراعظم کي ڪڍون، اُن جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي ڪرسي تي ويهاريون، جيڪو ملڪ هلائي سگهي ۽ اُن جي مدد ڪريون

آصف زرداري چيو ته آئون ۽ بلاول گڏجي عوام جي خدمت ڪنداسين، بلاول رڳو منهنجو نه توهان جو به پُٽ آهي، توهان جو به ڀاءُ آهي، اسان گڏجي ملڪ کي تڪليفن مان ڪڍنداسين

ھي به پڙھندا

 اپوزيشن وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي