وزيراعظم پاران ملڪ جي هڪ ڪروڙ 40 لک غريب گهراڻن کي ماهوار 2 هزار رپيا ڏيڻ جو اعلان

0
316
وزيراعظم پاران ملڪ جي هڪ ڪروڙ
وزيراعظم پاران ملڪ جي هڪ ڪروڙ 40 لک غريب گهراڻن کي ماهوار 2 هزار رپيا ڏيڻ جو اعلان

وزيراعظم شهباز شريف پاران ملڪ جي هڪ ڪروڙ 40 لک غريب گهراڻن کي ماهوار 2-2 هزار رپيا ڏيڻ جو اعلان

قوم کي پنهنجي پهرين خطاب ۾ شهباز شريف چيو ته اسان غريب عوام کي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي بار کان بچائڻ لاءِ 28 ارب رپين جو ماهوار پئڪيج شروع ڪري رهيا آهيون

پئڪيج تحت هر مهيني غريب گهراڻن کي 2-2 هزار رپيا ملندا، ان پئڪيج سان غريب گهراڻن جي ساڍا 8 ڪروڙ ماڻهن کي رليف ملندو، جيڪو بينظير انڪم سپورٽ ذريعي ملندڙ رليف کان علاوه آهي، يوٽيلٽي اسٽورز کي 10 ڪلو اٽي وارو ٿيلو 4 سئو روپين ۾ وڪرو ڪرڻ لاءِ چيو آهي

عمران خان تي تنقيد ڪندي شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدو توهان ڪيو اسان نه ڪيو هو، ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جا انڌيرا توهان جي دور ۾ ٿيا، اڳوڻي حڪومت سياسي فائدي خاطر پيٽرول جا اگهه نه وڌايا، پيٽرول جا اگهه وڌائڻ ملڪ کي ڏيواليو ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ اڻٽر هو