وزيراعظم جي اعلان بعد پيٽروليم شيون سستيون ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري

0
224
ٻوڏ متاثرن جي بحالي پاڪستان

اسلام آباد: وزيراعظم جَي اعلان بعد پيٽروليم شيون سستيون ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري، پيٽرول ساڍا 18 رپيا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 40 رپيا 54 پيسا سستو ٿي ويو، گاسليٽ 33 رپيا 81 پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل 34 رپيا 71 پيسا سستو ڪيو ويو

 نوان اگهه اڄ کان لاڳو ٿي ويا، وزيراعظم شهباز شريف قوم کي خطاب دوران پيٽروليم شيون سستون ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه تيزي سان گهٽجڻ بعد اسان کي به قيمتون گهٽائڻ جو موقعو مليو

ھن چيو ھو تھ آءِ ايم ايف سان به معاهدو ٿي چڪو آهي، خدا ڪري آءِ ايم ايف سان اِهو معاهدو آخري هجي، اِهو رستو سولو ناهي، ڪنڊن تي به بيهڻو پوندو آهي

وزيراعظم شهباز شريف عوام کي وڌيڪ رليف جو اشارو ڏئي ڇڏيو

وزيراعظم شهباز شريف عوام کي وڌيڪ رليف جو اشارو ڏئي ڇڏيو آھي، پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ وزيراعظم چيو آهي ته واعدي پٽاندڙ عالمي منڊي ۾ تيل سستو ٿيڻ جو فائدو عوام کي منتقل ڪيو ويندو

جيئن ئي وڌيڪ معاشي گنجائش ٿيندي، تيئن عوام کي رليف ڏنو ويندو