ورلڊ ڪپ ۾ بدترين شڪست ڏيڻ بعد ڀارت سان ڳالهين جو هي مناسب وقت نه آهي: وزيراعظم جي دلچسپ جملي تي ٽهڪڙا

0
319
ورلڊ ڪپ ۾ بدترين شڪست ڏيڻ بعد
ورلڊ ڪپ ۾ بدترين شڪست ڏيڻ بعد ڀارت سان ڳالهين جو هي مناسب وقت نه آهي: وزيراعظم جي دلچسپ جملي تي ٽهڪڙا

رياض: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ڀائپيءَ وارا لاڳاپا لازوال آهن ۽ پاڪستان سعودي عرب جي سلامتي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. اهڙو اظهار هن سعودي راڄڌاني رياض ۾ پاڪ سعودي سيڙپڪاري فورم کي خطاب دوران ڪيو

عمران خان چيو ته سعودي عرب سان پاڪستان جا لاڳاپا لازوال آهن ۽ ان جو هڪ سبب اتي مسلمانن جا ٻه عظيم مقدس ماڳ هئڻ آهي ۽ ٻيو سبب اهو آهي ته سعودي عرب هر ڏکيءَ گهڙي ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي.  وزيراعظم چيو ته  پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ وسيع موقعا موجود آهن. پاڪستان دنيا سان ٻطرفي احترام تي ٻڌل لاڳاپا چاهي ٿو

تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم ٽي ٽوينٽي ورلڊ ڪپ جي مهادنگل ۾ ڀارت خلاف پاڪستان جي تاريخي ڪاميابي جو ذڪر به ڪيو ۽ دلچسپ تبصرو ڪندي چيو ته ورلڊ ڪپ ۾ بري شڪست ڏيڻ بعد ڀارت سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ لاءِ  ڳالهيون ڪرڻ جو هي مناسب وقت نه هوندو. وزيراعظم جي اهڙي دلچسپ تبصري تي تقريب ۾ موجود ماڻهن ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو