هڪ قدم اڳتي، ٻه قدم پوئتي؟

0
175
نالي ماتر آزادي

  هو شهر اقتدار کي فتح ڪرڻ ويو هو. هو حڪومت کي ڪيرائڻ ويو هو. هو رياست جي سگهارن ادارن کي جهڪائڻ ويو هو. هو اقتدار کي حامين معرفت زوريءَ حاصل ڪرڻ ويو هو. هو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو پاور شو ڪرڻ پهتو هو. هن جو خيال هو ته هو هن ملڪ جو سياسي سڪندر بڻجي ويو آهي. هاڻي هن وٽ اها شڪتي اچي وئي آهي، جو هو به اها هام هڻي سگهي ٿو ته “I came. I saw. I conquered. ” يعني مان آيس. مون ڏٺو. مون فتح ڪيو!

 پر افسوس! افسوس ته هو پاڻ کي مفتوح بڻائي موٽيو. حڪومت کي ته لوڏو به نه آيو پر هو پاڻ نه رڳو لڏي ويو پر غرور جي گهوڙي تان به هيٺ ڪريو. هو اسلام آباد پهچي سگهارن ادارن کي مدد لاءِ پڪارڻ لڳو. هن جو پاور شو نه رڳو فلاپ ٿيو پر هو پنهنجي شڪسته انا جا ٽڪڙا ميڙي واپس پشاور پهتو. هن وقت هو هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻ کي تازو توانو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن کي معلوم آهي ته هن جا حامي اندران ٽٽي پيا آهن. هو پنهنجن سياسي سپاهين جو ناڪام سپهه سالار ثابت ٿيو. هن کي پنهنجي تڪبر جو جيڪو تلخ سلو مليو آهي، ان جي زهريلي ذائقي کي هو آهستي آهستي زائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو اڳ به ڪريو آهي. هو اڳ به اٿيو آهي. هن اڳ ۾ به پنهنجي شڪست کي فتح ۾ تبديل ڪيو آهي. هو هڪ روگهه رانديگر آهي. هن جو خيال آهي ته سخت محنت ۽ لاڳيتي جاکوڙ سان هو وري هاريل بازي کٽي ويندو. ممڪن آهي ته هو هن ڀيري به ايئن ڪري وڃي. ممڪن آهي. پر هن ڀيري جهڙي طرح هن جي ڪياڙي هيٺ لڳي آهي، ان جو هن کي ئي احساس آهي. هو جيڪو پنهنجو لڳل ڌڪ لڪائي رهيو آهي. هو جيڪو پنهنجي سور کي ڇپائي رهيو آهي. ممڪن آهي ته ان ۾ ڪامياب ٿي وڃي. جڏهن ته هو پنهنجي پراڻي اميج کي بحال ڪرڻ جي باري ۾ تمام گهڻي تشويش محسوس ڪري رهيو آهي. هو پنهنجي هٿان پاڻ کي زخم ڏئي، پنهنجي مرهم پٽي ته ڪندو پر ڇا هن کي وري اهو اوج ملندو، جيڪو هن کي حڪومت مان هٽڻ کان پوءِ حاصل ٿيو هو؟ ڇا هو وڃايل شهرت کي وري ماڻي سگهندو؟

پاڪستان بدقسمتيءَ سان انهن ملڪن مان آهي، جن ملڪن مٿان لبنان جي عظيم مفڪر ۽ شاعر خليل جبران جا اهي لفظ پورا لهن ٿا ته “افسوس! ان قوم تي جيڪا ويندڙ بادشاهه کي گاريون ڏئي روانو ڪندي آهي ۽ ايندڙ بادشاهه جي آجيان ۾ دهل وڄائڻ لڳندي آهي” پاڪستان ۾ اها روايت رهي آهي ته هتي اقتدار تان لهندڙ حڪمران جي زخمن تي عوام مٺايون ورهائي لوڻ ٻرڪندو آهي. پر هن جي حصي ۾ اها ذلت ۽ خواري نه آئي. هو ته اقتدار تان لهڻ بعد هيرو بڻجي اڀري آيو. هر ماڻهوءَ جي هڪ رهڻي ڪهڻي هوندي آهي. پر هن کي جيڪا به پيڙا سهڻي پئي، ان سبب هن ۾ نوان ڏيئا ٻري پيا. هو هڪ اهڙو چقمق بڻجي ويو جو هن طرف ماڻهو لوهه جا ذرا بڻجي ڇڪبا ويا. هو پنهنجي اهڙي شهرت ڏسي پاڻ حيران ٿي ويو. جڏهن ته هن جو هڪ هڪ مخالف پريشان ٿي ويو. پر هن اقتدار جي لاءِ جيڪا تڪڙ ڪئي ۽ هن جهڙي طرح بنا تياريءَ جي اسلام آباد طرف ڪاهه ڪئي. اها هاڻي هن جي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي آهي. هو پنهنجي مٿان لڳل ناڪاميءَ جو داغ مٽائڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڏسجي ته هو ڪيتري وقت ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو؟

عمران خان جي حصي ۾ عوامي حمايت اچڻ سبب صرف هن جا سياسي مخالف سڪتي ۾ نه اچي ويا هئا پر ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ به هن مان هڪ قسم جو خوف محسوس ڪرڻ لڳي هئي. ڇو ته هن جي حامين جهڙي طرح اسٽيبلشمينٽ جي خلاف نالا وٺي نعرا هنيا. جهڙي طرح هن جي حامين سوشل ميڊيا تي ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ خلاف مهم هلائي. ان عمل تحريڪ انصاف ۽ پشتون تحفظ موومينٽ ۾ فاصلو گهٽائي ڇڏيو. پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ اهو واقعو بار بار ورجائبو رهيو آهي ته فوج جن چمڪندڙ چهرن کي سياست ۾ وٺي ايندي آهي، اهي ئي اڳتي هلي انهن جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويندا آهن. عمران خان جي سلسلي ۾ سياسي گرو اهو سوچي رهيا هئا ته شايد هي شخص اهڙي موڙ تان نه مڙي پر هن جي مقدر ۾ به اها ساڳي واٽ اچي وئي ۽ هو به پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ خلاف ماڻهن ۾ جيڪا توائي پيدا ڪرڻ لڳو. ان جي ڪري هو انهن قوتن لاءِ اڳي وانگر قابل قبول نه رهيو، جن جي هو ڪڏهن“گڊبڪس” (Good Books) ۾ شامل هيو. هن جي مٿان هاڻي وفاداريءَ جي حوالي سان هڪ سواليا نشان اچي ويو آهي. جيڪڏهن هن جو خيال آهي ته هو اڪيلي سر سمورين قوتن کي ڪيرائي، پنهنجي ڳالهه مٿي ڪري ويندو ته اهو هڪ وڏو معجزو ٿيندو. ڇو ته هن مهل هن سياسي دنيا جي تختي تي ڪا به اهڙي قوت نه ڇڏي آهي، جنهن جي خلاف هن ڪو نه ڪو محاذ گرم نه ڪيو هجي.

آمريڪا کان وٺي پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ تائين هن هڪ هڪ قوت کي للڪاريو آهي. سياست عملي ڪتابن ۾ ان قسم جي روش کي هڪ روڳ چيو ويندو آهي. اهڙو روڳ ڪڏهن ان جرمن ليڊر ۾ به هو، جنهن جي جهلڪ هجومن کي پنڊپهڻ ڪري ڇڏيندي هئي. هن به سڀني سان ڦٽايو ۽ آخر ۾ اڪيلو ٿي ويو. ڇا عمران خان به پنهنجي سياسي اڪيلائيءَ واري فطري انت طرف وڌي رهيو آهي؟ ڇا عمران خان کي آخر ۾ اهو شيخ رشيد به ڇڏي ويندو، جنهن پوڻا چار سال اقتداري ڪيڪ کاڌا ۽ هاڻي هن کي به لڳي رهيو آهي ته “No more cake” يعني هاڻي ڪو به ڪيڪ نه بچيو آهي.

عمران خان کي انقلاب آڻڻ جون ٽيڪرون ڏئي، ان حال تي پهچايو ويو آهي، جتي هو پاڻ تي افسوس ڪرڻ لاءِ مجبور آهي. هن کي هاڻي محسوس ٿي رهيو آهي ته کيس تڪڙ نه ڪرڻ کپندي هئي. هو جهڙي طرح عوام ۾ پنهنجي حمايت ۽ حڪومت جي مخالفت ۾ ٽيمپو ٺاهي رهيو هو، اهو تمام بهترين هو. هن کي هجومن مان هڪ بهتر پارٽي جوڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ کپندي هئي. پر جيئن ته هو هڪ نظرياتي ماڻهو نه رهيو آهي. هن سدائين سياسي سوڀ لاءِ اٽڪلون استعمال ڪيون آهن. ان ڪري هن کي خبر ناهي ته چين جي انقلابي امام مائوزيتنگ ڇو چيو هو ته “جدوجهد جي لاءِ پارٽي ۽ پارٽيءَ جي لاءِ جدوجهد”!

عمران خان ۾ هڪ وڏي خرابي اها رهي آهي ته هن ڪڏهن به پنهنجي پارٽيءَ جي تعليم ۽ تربيت تي هڪ گهڙيءَ جي لاءِ به نه سوچيو آهي. هن سدائين پنهنجي شخصيت تي فوڪس ڪيو آهي. هن صرف ۽ صرف پاڻ کي چمڪايو ۽ چڪايو آهي. هن پنهنجي پارٽيءَ کي اجارڻ جي تر جيتري به ڪوشش نه ڪئي آهي. نتيجي ۾ هن جي پارٽي ٺينگ ٽپا ڏيندڙ جنونين جي پارٽي ته بڻجي وئي آهي پر ان ۾ اها سوچ، سمجهه ۽ گهرائي ناهي، جيڪا هڪ سنجيده سياسي پارٽيءَ ۾ هجڻ کپندي آهي. جيڪڏهن هو اقتدار مان الڳ ٿيڻ بعد هڪ طرف عوام ۾ پنهنجي مقبوليت جو گراف وڌائيندو رهي ها ۽ ٻئي طرف پنهنجي پارٽيءَ کي هيٺين سطح کان منظم ڪري ها ته هن مهل هو ايتري شڪته صورت ۾ پريس ڪانفرنس دوران گهٻرايل نه هجي ها. هن وقت به هن جي پارٽيءَ ۾ ڪير آهي؟ شاهه محمود قريشي کان سواءِ هن جي پارٽيءَ ۾ هڪ به اهڙو اڳواڻ ناهي، جنهن سياسي سردي گرمي ڏٺي هجي.

هن وٽ صرفر هوڪرا ڪرڻ هلڙبازي مچائڻ وارا ماڻهو آهن. جڏهن ته ان قسم جي خلق ڪڏهن به وڏن معرڪن ۾ نه بيهي سگهندي آهي. جهڙي طرح اسان کي ڊي چوڪ جي دونهين ۾ ڳوڙها ڳاڙيندڙ ۽ هن حڪومت کي پٽون پاراتا ڏيڻ واريون ناريون نظر آيون، ساڳي طرح سان هن جي اڪثر حامين جو به اهو ئي حشر هو. اهي ڪڏهن به وڏي ميدان ۾ پير کوڙي سياسي مقابلو ڪرڻ وارا ڪارڪن نه رهيا آهن. انهن کي گانن تي جهنڊا جهولائڻ اچن ٿا. انهن کي تحريڪ انصاف جا ٽوپ ۽ مفلر پائڻ اچن ٿا. پر سياسي سوڀون ان طرح سان حاصل نه ٿينديون آهن. سياسي فتحون اڻٿڪ محنت ۽ نظرياتي اورچائيءَ سان ماڻي سگهبيون آهن. جڏهن ته عمران خان جنهن عوامي ميڙن جي جهاڳ کي حقيقت سمجهيو، ان جي سچائي هن کي تڪڙ ۾ معلوم ٿي وئي. اهي ڪي سياسي ڏيئا نه هئا، اهي ته جر تي جرڪندڙ حباب هئي. اهي جرڦوٽا هئا. انهن کي لهرن سان لڳي اڌ ٿيڻو هو. ان حوالي سان جيڪو ڪجهه به اسلام آباد ۾ ٿيو، اهو ته ٿيڻو هو.

“اس طرح تو هوتا هي

اس طرح تي ڪامون مين”

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جنهن ڏينهن عمران خان پشاور ۾ ڊگهي ۽ آرام ڀري ننڊ ڪرڻ ۽ بعد ۾ فيشل ڪرائي بنهه فريش ٿي نڪتو ته هن ۾ جوانيءَ واري جهلڪ نظر اچي رهي هئي پر جيئن هو هيلي ڪاپٽر تي اڏامي آيو، هن جو اهو انداز سڀ کان اڳ ۾ ميڊيا ۾ پسند نه ڪيو ويو ۽ جهڙي ريت هن رات جو دير تائين اسلام آباد ۾ پنهنجا ڪارڪن ڪٽايا سٽايا ۽ پاڻ آرامده ڪنٽينر ۾ لڏندو لمندو آيو، اهو سڀ ڪجهه هن جي سياسي مات جو سامان ڪٺو ڪندو ويو. هن وقت عمران خان پنهنجي غلطيءَ تي پڇتائڻ جيتري جرئت به نه ٿو رکي. اهو عمران جنهن جي باري ۾ مشهور آهي ته هو ڪنهن به وقت، ڪجهه به چئي سگهي ٿو، اهو هن مهل ڇرڪي ٿو. هن کي محسوس ٿي ويو آهي هن پنهنجن سپنن جو جيڪو سياسي محل جوڙيو هو، ان جو بنياد تمام گهڻو ڪمزور هو. ان ڪري اهڙي محل کي تاش جي پتن وانگر وکرڻو ئي هو.

عمران خان جيڪو ڪجهه پوکيو. اهو ڪجهه لڻيو. هو پنهنجي مات جو مهڻو ٻيو ڪنهن کي به ڏئي نه ٿو سگهي. هن کي ڪنهن به تياري کان سواءِ اسلام آباد ياترا نه ڪرڻ کپندي هئي. سياست ۾ اهڙو سفر “هڪ قدم اڳتي ۽ ٻه قدم پوئتي” قرار ڏنو ويندو آهي.