هـارڊ وَرڪ يا سـمارٽ وَرڪ

0
508
هـارڊ وَرڪ يا سـمارٽ وَرڪ

دنيا جي هڪ وڏي ڪمپني ۾ سي اِي او (چيف ايگزيڪٽِو آفيسر) جي پوزيشن لاءِ انٽرويو بورڊ، اميدوار کان صرف ھڪڙو ئي سوال پڇيو: “ توھان پنھنجي زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي ڪمزوري يا خامي ٻڌايو ۽ اِھو پڻ ٻڌايو ته اُن کي توھان ڪيئن ختم ڪيو؟”

  اميدوار جواب ڏنو: “ منھنجي زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي خامي اِها هئي ته مان سخت محنتي (Hard Worker) ھيس. مان ھڪ غريب گھراڻي جو ٻار ھُيس، ننڍي هوندي کان وٺي پيءُ ماءُ کي سخت محنت ڪندي ڏٺو، وڏي مشڪل سان پڙهيس ۽ نوڪري حاصل ڪئي. آفيس ۾ ھر ڪم پاڻ ڪندو ھيس. سخت محنت ڪندڙ ماڻھو ۾ ڪيتريون ئي خاميون هونديون آهن، اُن کي ٻين تي اعتبار نه ھوندو آھي، ان ڪري پنھنجي ماتحتن جو ڪم به پاڻ ڪندو آھي يا اُن ۾ ٽنگ اڙائيندو آھي، هر ماڻهوءَ ۾ شڪ ڪندو آهي، ٽيم ٺاهڻ جي بدران لابي يا گروپ ٺاهيندو آهي، باصلاحيت ماڻهن کي ناپسند ڪندو آهي ۽ نااَهلن کي پروموٽ ڪندو آهي ۽ ڏکي مهل وقت اداري کي بچائڻ بدران پنهنجي نوڪري بچائڻ جي فڪر ۾ هوندو آهي. اِهي سڀ خرابيون مون ۾ به هيون. مون کي محسوس ٿيو ۽ مان پنھنجي اِن خاميءَ کي دور ڪرڻ لاءِ (Hard Work) سخت محنت ڪرڻ ڇڏي ڏني. مان پنھنجي ملازمن تي اعتماد ڪرڻ شروع ڪيو، لابيون ختم ڪري، ٽيم ورڪ تي زور ڏنو ۽ ٻين تي اعتماد ڪري انھن کان ڪم وٺڻ شروع ڪيو، اھڙي طرح مان پنھنجي پروفيشنل لائيف ۾ ڪامياب ٿيندو ويس.”

دوستو! اِهو اُميدوار هُو، ناليج ايڪانامي جو چيمپئن ۽ گُـوگـل (Google) جو سـي اِي او مسٽر سُندر پِچائي، جيڪو ھڪ ھندستاني آھي. سُندر پِچائي دنيا جو وڏي ۾ وڏي پگھار کڻندڙ سِي اِي او (ساڍا ٽي ڪروڙ روپيا روزانو) آھي. سُندر پِچائي کي دنيا جي وڏين وڏين ڪمپينن مان آفرس اينديون  آھن، جيئن ئي سُندر گوگل کي ڇڏڻ جو نوٽيس ڏيندو آھي ته بورڊ سندس پگھار وڌائي ڇڏيندو آھي. سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته آخر ھِن شخص ۾ اھڙو ڇا آھي جو دنيا جون وڏيون وڏيون ڪمپنيون ھِن کي پنھنجي اداري جو سربراھه ڪرڻ لاءِ پريشان آھن؟

2005ع ۾ دنيا ۾ ڪيتريون سرچ انجڻيون ھيون، جن ۾ “ياھو، الٽا وِستا، آسڪ، ويب ڪانر، لائڪوس ۽ ايم ايس اين” وغيرہ عام جام ھيون. اُن دؤر ۾ انھن سرچ اِنجڻين ۾ ڪا شيءِ سرچ ڪبي ھئي ته اُن جو رزلٽ ملڻ ۾ تقريبن ٻه ٽي منٽ لڳي ويندا ھئا. سُندر پِچائي جيئن ئي گُوگل جوائن ڪئي ته ھُن ڪمپني جي ٽيڪنيڪل اسٽاف کي چيو ته ھُو چاھي ٿو ته گوگل ۾ ڪابه شيءَ سرچ ڪرڻ لاءِ ڪجھه لکي ته هڪ سيڪنڊ اندر گوگل سرچ جا نتيجا ڏئي. سڀني چيو اِھو ناممڪن آھي، دنيا ۾ ڊزن کان مٿي ٻيون به سرچ انجڻيون ڪم ڪن ٿيون، اھو ممڪن ھجي ھا ته ھيل تائين ايئن ٿي چڪو ھجي ھا. سُندر پِچائي سڀني کي چيو ته ھاڻي توھان گهر وڃو ۽ آرام سان ويھي سوچيو ته ايئن ممڪن آھي يا نه. سڀني شام جو ھڪٻئي کي فون ڪري چيو ته سُندر چريو ٿي ويو آھي، اھو ناممڪن آھي. ٻئي ڏينھن وري ميٽنگ گهرايائين، سُندر سڀني کي چيو ته “جيڪي چون ٿا ته اِھو ممڪن آھي، اُھي ھٿ مٿي ڪن. ڪنھن به ھٿ مٿي نه ڪيو. سُندر سڀني کي چيو ته ھُو سندس شعبي مان بدلي ڪرائي، ڪمپني جي ٻي ڪنھن ڊپارٽمينٽ ۾ وڃن يا ڀلي ٻي ڪا نوڪري ڳولين، ڇو ته ھُو انھن ماڻھن سان گڏجي ڪم نه ٿو ڪري سگهي، جيڪي ڪنھن به ڪم ڪرڻ کان اڳ اُن ڪم کي ناممڪن سمجھي، ڪوشش ئي نه ڪن.” ان کان پوءِ سُندر پِچائي، پنھنجي شعبي ۾ بلڪل نوان، فريش ۽ ناتجريبڪار نوجوان ڀرتي ڪيا ۽ انھن سان گڏجي اُھو ناممڪن ڪم ڪري ڏيکاريو. اڄ گُوگل تي ڪابه شيءِ سرچ ڪيو ته سيڪنڊن اندر گهربل معلومات ملي ٿي وڃي.

سُندر پِچائي چوي ٿو ته ھُو ٽيڪنالاجي جي ھِن ڊوڙ ۾ شامل ئي ناھي. ھُو مقابلي (Competition) جو حصو ئي ناھي. ھُن ترقيءَ جي ھڪ الڳ شاھراهه جوڙي آھي، جنھن ۾ ھُو اڪيلو آھي ۽ سندس ڪوبه اڳيان پويان ناھي. ھُو “پهريون نمبر” (No. One) ۾ يقين ئي نه رکندو آھي، بلڪه ‘صرف هڪ'(Only One)  جو قائل آھي، ڇو جو ‘نمبر وَن’ واري جي پويان ‘نمبر ٽو، ٿري، فور’ جي لائين ھوندي آھي، جيڪي ڪڏھن به نمبر وَن کي پوئتي ڪري سگهن ٿا، جڏھن ته ‘اونلي وَن’ وارو ميدان ۾ بلڪل اڪيلو ھوندو آھي، هُن جو ڪوئي ثاني ناهي هوندو، يعني هُو منفرد (Unique) هوندو آهي. انگريزي گرامر ۾ صفت جا 3 درجا آهن يعني “سٺو، بهتر، بهترين” (Good, Better, Best)  جڏهن ته منفرد جا ڪي درجا ناهن هوندا، ڇو ته انگريزيءَ ۾ (Unique, Uniqer, Uniquest)  ناهي هوندو، بس (Unique) صرف (Unique) هوندو آهي.

سخت محنت (Hard Work) ھڪ ڪامياب ڪيريئر جو سنھري اصول سمجھيو ويندو آھي. اسان جي آس پاس اھڙا بيشمار ماڻھو ملندا، جيڪي صبح کان وٺي رات تائين سورنھن سترنھن ڪلاڪ سخت محنت ڪن ٿا، رات جو گھربل ننڊ به مشڪل سان ڪن ٿا پر انھن جي ان سموري سخت محنت جو ڦلُ، گھر جو گذر سفر جيترو مسَ آھي. سخت محنت ته گڏھه به ڪندو آھي، جنھن کي ايڏي سخت جان مزدوريءَ کان پوءِ به ٻن وقتن جي خوراڪ کان سواءِ ڪجهھ ناھي ملندو. تيل جي گهاڻي ۾ اکين تي پٽي ٻڌل ڏاند صبح کان شام تائين ھلندو آھي، سمجھندو آھي ته ھُو ميلن جا ميل سفر ڪري آيو آھي، پر شام جو اکيون کولڻ کان پوءِ پاڻ کي ڏسندو آھي ته ھُو اُتي جو اُتي بيٺو آھي. اهڙي طرح ڪجھه ماڻھو سڄي زندگي گڏھه جھڙي محنت ڪندا آهن پر انھن جي زندگيءَ جي معيار تي ڪو خاص فرق ناھي پوندو. سڄي عمر گهاڻي جي ڏاند وانگر پيا ھلندا آھن پر سٺ سالن جي ريٽائرمينٽ واري عمر ۾ جڏھن زندگيءَ جي شام ٿي ويندي اٿن ته پنھنجي اکين تان پٽي لاھي ڏسندا آھن ته زندگي گذري وئي پر ڪي به خواب پورا نه ٿيا ۽ ساڳي جاءِ تي ئي بيٺا آھن. “ھيءَ حَسين زندگي ايئن گذري وئي، خواب ھو يا ھوا، ڪا خبر ئي نه پئي”.

ان سموري اُپٽار مان ثابت اھو ٿو ٿئي ته بنا ايڊريس پوسٽ ڪيل لفافو ڪڏهن به ڪٿي ناهي پھچندو. بنا منزل جي تعيُن ۽ پلاننگ جي ڪيڏي به سخت کان سخت محنت ڪيو، اُھا جيڪڏھن رائيگان ناھي ته ڪارگر به ناھي. آفيسن ۾ اڪثر وڏن عهدن يا وڏي عمر وارا صاحبان پاڻ کي’عقلِ ڪُل’ سمجهندا آهن ۽ نوجوانن ۽ ماتحتن کي ڪا اهميت نه ڏيندا آهن. اهڙي نفسيات واري ادارن جو ماحول بيٺل پاڻيءَ جهڙو هوندو آهي، جتي آئيڊياز ۽ نواڻ جي ڪابه جاءِ نه ملندي آهي، ان جامد ۽ ساڪن صورتحال کي انگريزيءَ ۾ Inertia يعني  tendency to do nothing or to remain unchanged)  مطلب اهڙو رجحان جنهن ۾ ڪجهه به نه ڪجي ۽ جيئن جو تيئن رهجي.

هر ڪم پاڻ ڪرڻ، ڪا خوبي نه بلڪه شخصي اُوڻائي آھي، ٻئي طرف ٽيم کان ڪم وٺڻ ھڪ فن آھي. ‘ڪم ڪرڻ’ ‘ھارڊ ورڪ’ (Hard Work)  آھي ۽ ‘ڪم وٺڻ’ ‘سمارٽ ورڪ'(Smart Work) آھي. معاملن، مسئلن ۽ سرگرمين سان نڀائي وڃڻ سٺي مئنجمينٽ آھي ۽ سالن جا سال لڪير جو فقير بڻجي ساڳي پراڻي روايتي سسٽم (Status Quo) کي گهليندڙ محظ هڪ ‘مئنيجر’ آھي، جڏھن ته ڪمن کي نوعيت موجب ورھائڻ، اَڀرن سڀرن کان ڪم به وٺڻ، ٽيم جوڙڻ وارو ‘ليڊر’ آھي. گڏھه وارو اِھو ‘ھارڊ ورڪ’ ماڻھوءَ کي مئنيجر ٿو بڻائي ۽’سمارٽ ورڪ’ ماڻھوءَ کي ‘ليڊر’ بڻائي ٿو. اچو ته نوجوانن ۽ خاص طور ٻارن ۾ ان ائپروچ جو ٻج پوکيون ته هُو لڪير جا فقير ٿيڻ کان بچن ۽ مستقبل جا نوان سُندر پِچائي بڻجن. شاهه صاحب فرمايو آهي :

تَـري ڀـڳي ڪـيـنـگـري، ٺَـلهـا ڦــيـرا ڏئــي،

آڻي نه ڪي نِئي، ته به سلهاڙي وتي ساٿ سان!