نورين فاطمه جو المناڪ قتل، مڙس روئي ويٺو

0
889

ڀان سيدآباد ويجهو پسند جي پرڻي تان نوجوان ناري نورين جي قتل تي سندس مڙس روئي ويٺو

ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي منصور سومرو چيو ته نورين سان يونيورسٽي ۾ ملاقات ٿي هئي،  2021 ۾ اسان پرڻو ڪيو هو، نورين چيو ته وارثن کي راضي ڪرڻ تائين نڪاح ڳجهو رکڻ گهرجي

نوجوان ٻڌايو ته وارثن نورين جي شادي ڪرائڻ لڳا ته هن کين نڪاح بابت ٻڌايو، وارث نورين تي مون کان طلاق وٺڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا هئا، انڪار ڪرڻ تي کيس قتل ڪيو ويو

 ڳوٺ گلشير مهر ۾ گذريل ڏينهن نورين فاطمه مهر جو گهر مان گوليون لڳل لاش هٿ اچڻ بعد وارثن واقعي کي آپگهات قرار ڏنو هو

 ايس ايس پي ڄامشورو عمران قريشي واقعي جو نوٽيس وٺندي اي ايس پي سيوهڻ کي شفاف جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي