نوجوانن جي شعوري ڌارا کي مثبت رخ ڏيڻ جي ضرورت

0
271
نوجوانن جي شعوري ڌارا کي مثبت رخ ڏيڻ جي ضرورت

  ھو جيڪي مستقبل جا معمار ٿا سڏجن، ھو جيڪي مستقبل جا اڳواڻ ٿا سڏجن، اهي ھن انتشاري دور ۾ وڌ ۾ وڌ ڀوڳين پيا. ڪاميابين جا خواب اکين ۾ رکي ٽڙيل پکڙيل، پنھنجي منزل جي ڳولھا ۾ ڀٽڪندا وتن ٿا. ھا، آئون اڄ جي نوجوان نسل جو ذڪر ڪرڻ پئي چاھيان، جيڪو موجوده دور ۾ انيڪ مسئلن ۾ جي ڄار ۾ ڦاٿل آھي. منهنجي نظر ۾اڄ جي نوجوانن جا مسئلا گھڻ رخا آھن، جن جا پس منظر به مختلف آھن. اڄ جي نوجوانن جا اھم نمايان مسئلا هي ٿا نظر اچن:

تعليمي مسئلا:

جديد دور ۽ قديم نظام تعليم، غير رسمي تعليم جي اڻ ھوند به اهم مسئلن ۾ شامل آهي.

معاشي مسئلا:

                 روزگار جي موقعن ۽ سھولتن جي کوٽ، ھنری سکيا ۽ تعليم جي کوٽ، سماجي سرگرمين جي کوٽ آهي. ان سان گڏوگڏ اڄ جو نوجوان نفسياتي مسئلن سان به جھيڙي رھيو آھي، جنھن جو ذڪر ھو ڪنھن سان نه ڪندو آھي. پاڻ ان کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھندو آھي ۽ ناڪامي جي صورت ۾ مايوسي ۽ ويڳاڻپ جو شڪار ٿي ويندو آھي.

جڏھن به نوجوانن جو ذڪر ٿيندو آھي تـ سڀ کان پھرين اھو چيو ويندو آھي تـه اڄ جو نوجوان صرف انٽرنيٽ جي دنيا ۾ گم آھي، تعليم کان پري آھي، اھا ڳالھ گھڻي حد تائين صرف مفروضو ثابت ٿي رھي آھي، ڇو تـ اھو رجحان عارضي آھي. حقيقت اھا آھي ته صرف حيدرآباد شھر ۾ قائم لائبريرين شمس العلماء علامه دائودپوٽا، سنڌي ليئنگئيج اٿارٽي، حسرت موھاني لائبريرين ۾۽ خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي جي پڌر ۾ ڪتاب پڙھندڙ نوجوانن جا ھجوم ان ڳالھ کي رد ٿا ڪن. صرف حيدرآباد ۾ قائم چند لائبررين مان سڄي سنڌ جي صورتحال جي ڪٿ ڪرڻ درست به نه آھي پر ان حقيقت کان ڪو به انڪار نه ڪري سگھندو ته چئن وڏين يونيورسٽين جي موجودگي جي ڪري سڄي سنڌ جا نوجوان حيدرآباد جو رخ ڪن ٿا ۽ “ڪڻي مان خرار جي پرک ڪرڻ” مشڪل نٿو ھجي.

نوجوانن جو تعليم ڏانھن لاڙو ۽ مقابلي جي امتحانن ۾حصو وٺڻ وارو لاڙو وڌيو آھي. نوجوان  پنھنجي مستقبل ڏانھن سنجيده رويا رکن ٿا. ھو سکڻ چاھين ٿا، پر ھن وقت جو نوجوان معاشي ۽ سماجي مسئلن سان گڏ و گڏ نفسياتي مسئلن کي به منھن ڏئي رھيو آھي. ھو پنھنجي سماجي جوڙجڪ کي پڻ سمجھڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي. الميو اھو آھي ته اسان وٽ سماجي حيثيت جو معيار سٺي سرڪاري نوڪري کي سمجھيو ٿو وڃي، جڏھن ته انساني شخصيت، انساني شعور، ڄاڻ ۽ قابليت ڪاميابي جا ماپا نٿا سمجھيا وڃن. جيستائين نوڪري نٿي ملي، ان وقت تائين نوجوانن کي ناڪام تصور ڪيو ٿو وڃي. انھن منفي روين جي ڪري نوجوان نفسياتي ڀڃ ڊاھ جو شڪار رھندا آھن. مائٽ پنھنجي اولاد جي تعليم بابت پاڻ فيصلا ڪندا آھن، ان ڳالھ کي نظر انداز ڪندي ته، ٻار ۾صلاحيت ڪيتري آھي. ھن جي مٿان تعليم کي ڳري بار جيان مڙھيو ويندو آھي، جنھن جي بار کڻڻ جي ھن ۾سگھ نه ھوندي آھي. نتيجي ۾ 80% ٻار ذھني دباءَ جو شڪار ٿي ويندا آھن، جنھن تي تمام گھٽ غور ڪيو ويندو آھي.

تعليم ۾ ناڪامي يا سٺي نوڪري حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي ۽ ان ـسان گڏ وري سماجي ۽ خاص طور تي خاندان پاران منفي روين جي ڪري اڄـڪلھ نوجوانن ۾ خودڪشي جا لاڙا پڻ وڌيا آھن، ڇو ته اسان وٽ زندگي کي محدود ڪيو ويو آھي. بس نوجوانن لاءِ مخصوص تعليم، ان کان پوءِ سرڪاري يا نيم سرڪاري نوڪري، پوءِ شادي جي دائرن ۾ نوجوانن کي قيد ڪيو ويو آھي. انھن جي ذھني لاڙن ۽ شعور کي سمجھيو نٿو وڃي. انھن کي زندگي جي وسعتن ڏانھن رستو تمام گھٽ ڏيکاريو ٿو وڃي. جڏھن ته اڄ جو نوجوان پنھنجي پاڻ کي ڳولھڻ پيو چاھي. نون گسن، نون پيچرن تي ھلڻ ٿو چاھي. جديد دور جو نوجوان ڄاڻ حاصل ڪرڻ جا نوان گس ڳولھي چڪو آھي. جڏهن ته اسان جي تعليمي نظام جو ڍانچو گھڻو پراڻو آھي. جدت ۽ قدامت جي تضادن جو نوجوانن تي ناڪاري اثر ٿي رھيو آھي.

نوجوانن لاءِ بيروزگاري سان گڏ اھم مسئلو پنهنجي صلاحيت مطابق مناسب ڪم جي چونڊ، مناسب تعليم جي چونڊ، پنھنجي صلاحيت ۽ مرضي مطابق مثبت سرگرمين جي چونڊ ڪرڻ به آھي. سماج ۾ نوجوانن لاءِ سرگرمين جي کوٽ آھي. ڏٺو وڃي ته ھن وقت ادبي ميلن جي منعقد ٿيڻ جي ڪري نوجوانن جو گھڻو تعداد انھن ۾ شرڪت ڪري ٿو. نه صرف شرڪت ٿو ڪري پر انھن ۾ سرگرم ڪارڪنن طور حصو پڻ وٺي ٿو، جنھن جو مثال حيدرآباد ۾ منعقد ٿيندڙ اياز ميلو ۽ لاھوتي ميلو آھن، جنھن ۾ سوين نوجوان والنٽيئر ٿي پنھجيون ذميواريون نڀائيندا آھن. نه صرف  انتظامي ذميواريون پوريون ڪندا آھن پر ھنن جي  ادب، موسيقي ۽ آرٽ ۾ دلچسپي پڻ ظاھر ٿيندي آھي.

UNDP جي 2022ع جي رپورٽ مطابق پاڪستان جي آبادي جو 64% نوجوانن جو آھي، جن جي عمر ٽيھن سالن جي اندر آھي ۽ 29% پندرنھن سالن کان اوڻٽيھن سالن جي اندر آھي ۽ اسان وٽ اسان جي نوجوان نسل لاءِ بھتر منصوبابندي جي کوٽ آھي. نوجوانن جي رھنمائي لاءِ مناسب ادارا گھٽ آھن. ھا ڪجھ نجي ادارا آھن، جيڪي ڪيرئير ڪائونسلنگ جو ڪم ڪن ٿا پر ھڪ ته اھي شھرن ۾ آھن ۽ ٻيو ته ھر ڪنھن جي رسائي انھن تائين نه آھي. ان کان علاوہ انھن نجي ادارن جي في ڀرڻ به سڀني لاءِ ممڪـن نه ھوندي آھي. اسان جي صوبي سنڌ اندر سرڪاري نوڪرين ڏانھن وڌندڙ لاڙن ۽ بيروزگاري جي وڌندڙ گراف جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته: تازو  23 مئي 2023ع کان 6 جون 2023ع تائين ٿيندڙ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي مقابلي جي امتحان ۾ مختلف ادارن ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي سنڌ جي نوجوانن ڀرپور حصو ورتو. ھڪـ اندازي مطابق ٽائون آفيسر جي پوسٽ لاءِ ھڪـ لک، 11 ھزار، ميونسپل آفيسر جي پوسٽ لاءِ ھڪـ لک، پنج ھزار ۽ اڪائونٽس آفيسر لاءِ 28 ھزار اميدوارن امتحان ڏنو. اھا به حقيقت آھي ته اھي سڀ ڪاميابي ماڻي نه سگھندا، صرف ڪجھ نوڪري حاصل ڪري سگھندا ۽ باقي نوجوان ڇا ڪندا، اھو ڪير به ٻڌائي نه سگھندو. اهي پنھنجي صلاحيتن کي ٻين ميدانن ۾ مڃرائيندا.

ھن وقت سرڪاري سطح تي نوجوانن لاءِ ڪو نمايان عملي منصوبو نظر نٿو اچي. يوٿ پاليسي پڻ سنڌ اسيمبليءَ مان منظور ٿيل آھي، پر عملي طور تي ان تي ڪم گھٽ ٿيو آھي. يوٿ پاليسي ۾ نوجوانن لاءِ بھتر لائحه  عمل لاءِ منصوبـ بندی ٿيل آھي. سياسي طرح سان نوجوانن کي سياست کان پري رکڻ لاءِ آمر ضياءَ پنھنجي دور حڪومت ۾ 1984ع ۾ شاگردن يونين تي پابندي ھڻي ڄڻ ته سياسي شعور جو خاتمو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سماج ۾ سياست لاءِ منفي  سوچ ۽ بيانيو مروج ڪيو ويو. سياسي عمل ۾ حصو وٺندڙ نوجوانن کي پڻ گھڻي ڀاڱي نشانو بڻايو ويو. جڏھن لڳ ڀڳ 40 سالن کانـپوءِ شاگردن جي تنظيمن تان پابندي ھٽي آھي، تڏھن به تعليمي ادارن ۾ شاگردن يونينون عملي طرح فعال نه آھـن ۽ نه ئي انھن ۾ چونڊ جي عمل ذريعي شاگرد اڳواڻ منتخب ڪيا ٿا وڃن، جيڪي شاگرد اڳواڻ بڻجي سياسي تربيت حاصل ڪري سگھن.

ھن وقت نوجوان نسل ۾ ملڪ کان ٻاھر وڃڻ جو لاڙو پڻ وڌيو آھي. تعليم کان علاوه روزگار ۽ ڪاروبار سانگي شاگرد ملڪ کان ٻاھر پنھنجي ڪاميابي تلاش ڪري رھيا آھن. اھاسوچ به ھاڻ عام ٿي چڪي آھي ته ملڪ کان ٻاھر وڃڻ سان تڪڙي ترقي حاصل ڪري سگھجي ٿي ۽ سماجي حيثيت ۾ پڻ تڪڙي تبديلي ممڪن ٿي سگھي ٿي. ڪجھ ڏينھن پھرين ٻيڙي ۾سوار پاڪستاني نوجوان يونان ويندي رومي سمنڊ ۾ ٻڏي زندگي وڃائي ويٺا. ميڊيا جي مطابق ٻيڙي ۾ مصر، شام ۽ پاڪستان جا ڪل 750 ماڻھو سوار ھئا، جن ۾ اڪثريت نوجوانن جي ھئي، جيڪي غير قانوني طور تي ايجنٽن کي لکين رپيا ڏئي روزگار حاصل ڪرڻ يورپ وڃي رھيا ھئا. اڄ ڪلھ اھا انساني اسمگلنگ واري مافيا پڻ گھڻي سرگرم آھي، جن جي ور چڙھي ھزارين نوجوان زندگيون به وڃائين ٿا ۽ ڪڏھن ڪڏھن دوکا کائي ھميشه لاءِ ڪنھن قيد ۾ پڻ گذارين ٿا.

نوجوان نسل پنھنجي ملڪ جي سگھ آھن ۽ انھن ۾ گھڻي صلاحيت به موجود آھي. نوجوانن جي سگھ ۽ صلاحيت کي وڌيڪ اجاگر ۽ ڪار آمد بنائڻ لاءِ حڪومتي سطحي تي منصوبابندي جي ضرورت آھي. نوجوانن جي شعوري ڌارا کي مثبت رخ  ڏيڻ جي ضرورت آھي.

[email protected]ـ