ٽنڊوالھيار/ نصرپور (نمائندا)  نصرپور روڊ تي شاگردن استاد جي بدلي خلاف  ڌرڻو هنيو . گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول  خير محمد جروار جي شاگردن استاد جي جبري بدلي خلاف نصرپور مين روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري گاڏين جون قطارون لڳي ويون ۽ مسافرن کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو. شاگردن جو چوڻ هو ته امتحانن ۾ هڪ مهينو آهي ۽ اسان جي استاد کي زبردستي هٽائي بهار ميرجت ۾ بدلي ڪيو ويو آهي استاد جي واپسي اسان جي اسڪوم ۾ بدلي نه ڪئي ويئي ته اسان اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏينداسين اسان کي امتحانن جي تياري ڪرڻي آهي، نئون استاد اسان کي صحيح تياري نه ڪرائي سگهندو مسلسل 4 ڪلاڪ احتجاج جاري رهڻ کانپوء ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊوالهيار نوٽس ورتو ۽ هڪ ڪاميٽي جوڙي جنهن شاگردن کي مسئلي جي حل جي يقين دهاني ڪرائي احتجاجي ڌرڻو ختم ڪرايو.