سکر(بيورو رپورٽ) سکر ميونسپل اسٽيڊيم ۾ جاري سيد ناصر حسين شاھ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ ڪنگ کوسا ڪرڪيٽ ڪلب سکر ۽ مومن سعيد ڪرڪيٽ ڪلب نوابشاھ جون ٽيمون ڪامياب ٿي ويون. پھرين ميچ شھيد آدم ڪرڪيٽ ڪلب ۽ ڪنگ کوسا ڪرڪيٽ ٽيم جي وچ ۾ کيڏي وئي. پھريان کيڏندي شھيد آدم ڪرڪيٽ ڪلب سکر جي پوري ٽيم 102 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. عمر 27 ۽ سعيد 17 رنسن سان نمايان رهيا. جواب ۾ ڪنگ کوسا ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم پنجن وڪيٽن تي هدف حاصل ڪري ورتو. عبدالغفار کوسو 31 ۽ ظھير کوسو 17 رنسن ٺاھي ٽيم کي ڪامياب ڪرايو. ٻي ميچ ۾ جانباز ڪرڪيٽ ڪلب ڪنڌڪوٽ جي ٽيم 125 رنسون ٺاھيون جنھن م محمد نواز 45 ۽ ثناءُ الله 35 رنسن سان نمايان رھيا. جواب ۾ مومن سعيد ڪرڪيٽ ڪلب نوابشاھ جي ٽيم پنجن وڪيٽن جي نقصان تي مقرر هدف حاصل ڪيو.