فيض گنج (ن پ ا) پڪا چانگ جي نادرا آفيس ۾ من پسندن کي ٽوڪن ڏيڻ تان جهيڙو، عورتن جو هڪ ٻئي مٿان مڪن ۽ لتن جو وسڪارو، نادرا انچارج خلاف احتجاجي مظاهرو. رپورٽ موجب پڪا چانگ شهر ۾ نوابشاهه روڊ تي قائم نادرا آفيس ۾ من پسند ماڻهن کي ٽوڪن ڏيڻ واري معاملي تان  عورتون وڙهي پيون، ان دوران وچa روڊ تي عورتن هڪ ٻئي تي مڪن ۽ لتن جو وسڪارو لائي ڏنو. نادرا آفيس اڳيان جهيڙي جي اطلاع تي فيض گنج پوليس پهچي جهيڙي تي ڪنٽرول ڪري ورتو. ان موقعي تي حليمان، زبيده، ظهران خاصخيلي، ماجده ۽ ٻين نوابشاهه روڊ تي نادرا آفيس اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته اسان پري پري کان شناختي ڪارڊ ۽ ٻارن جا ب فارم ٺهرائڻ لاءِ نادرا آفيس پهچون ٿيون پر نادرا انچارج خان محمد چانگ من پسند ماڻهن کي ٽوڪن ڏئي ڇڏي ٿو. سڄو ڏينهن بک اڃ تي ٽوڪن جي انتظار ۾ بيهاريو وڃي ٿو. نادرا آفيس اڳيان ايجنٽ بيٺل آهن جيڪي عورتون کان رشوت وٺي کين ٽوڪن وٺي ڏين ٿا. عملو روزيدار عورتن سان به بداخلاقي سان پيش اچي ٿو. هنن الزام لڳائيندي چيو ته نادرا عملي پاران عورتن تي لٺبازي ۽ تذليل ڪئي وئي. هنن مطالبو ڪيو ته نادرا انچارج خان محمد چانگ کي هٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪري عورتن سان انصاف ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾  نادرا انچارج خان محمد چانگ سان رابطو ڪيو ويو پر هن موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.