مٺي (رپورٽر) مٺي جي تعلقو ڏيپلو جي يوسي سوڀيار ۽ ڊاڀڙو جي ڳوٺن ماليهار بجير، بگهاڙيو، ڳالهائو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ٿر جي سونهن طور سڃاتو ويندڙ ڪيترائي مور پکي بيماري سبب مري ويا، وائلڊ لائيف کاتو اگهور ننڊ ستل، ميڊيا ۾ بار بار خبرون اچڻ باوجود وائلڊ لائيف کاتو ننڊ ستل، ڳوٺاڻن پاران احتجاج جو چتاءُ، ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته اسان ٿرپارڪر انتظاميا کان مطالبا ڪري ٿڪجي پيا آھيون پر ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه آھي ۽ مور اکين اڳيان مري رهيا آھن. ميڊيا ۾ خبرن به هن انتظاميه کي جنجهوڙي اٿاري نه سگهيون آهن، خدارا ٿر جي سونهن تي خرچ ڪيو نه ته اهي مور به ٻين پراڻن قصن وانگر ماضي بڻجي ويندا پوءِ رڳو ڳالهين ۽ لکڻين ۾ وڃي بچندا. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جلد انهن ڳوٺن ۾ ٽيمون موڪلي مورن جو علاج ڪيو وڃي جيئن انهن جو نسل تباهه ٿيڻ کان بچي سگهي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.