مٺياڻي (ن پ ا) مٺياڻي ٺاروشاهه لنڪ روڊ تي قاضي واري باغ وٽ ڏينهن ڏٺي جو ٽن نامعلوم هٿيار بندن هٿيارن جي زور تي ڳوٺاڻي غلام رسول پنهور کي يرغمال ڪري هڪ لک 50 هزار ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا، واقعي بعد مٺياڻي ٿاڻي تي غلام رسول پنهور جي فرياد تي ٽن نامعلوم هٿياربندن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. آخري اطلاعن تائين ڪابه گرفتاري نه ٿي سگهي.