ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص لڳ نئون ڪوٽ روڊ تي روشن آباد واسي پورھيت زال مڙس والجي ڪولھي ۽ سندس زال رامون موٽرسائيڪل سوار ميرپورخاص ايندي رستي ۾ موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب ڪري زخمي ٿي پيا جن کي زخمي حالت ۾ تعلقي پوليس کڻي سول اسپتال پھچايو جتي سندن علاج ھلندڙ ھو، ڊاڪٽرن پاران سندن طبيعت سنڌرندڙ ٻڌائي پئي وئي.