ممبئي(شوبز نيوز) اداڪارا راکي ساونت چيو آهي ته مون ڀارت ۾ روڊ تي خلائي مخلوق ڏٺي هئي. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا راکي ساونت سوشل ميڊيا تي پنهنجي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ پاڻکي خلائي مخلوق ظاهر ڪيو، هن لکيو آهي ته منهجين اکين ۾ ڏسو طاقت پئي اچي ،خلائي مخلوق بڻجي وئي آهيان. وڊيو ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اها وڊيو هڪ نئين فيچر ۾ بڻائي وئي آهي جيڪا مداحن کي لطف اندوز ڪرڻ لاءِ شيئر ڪئي وئي آهي.