موسمياتي انتها پرستي ۽ مها ٻوڏ جي سائنس

0
522
ملڪي معاشي صورتحال- ڏيوالي جو خطرو!؟

 گذريل مهيني عالمي اداري ايف اي ٽي ايف جي ايشيا پئسفڪ گروپ پاران پاڪستان جي آن سائيٽ انسپيڪشن ۾ مصروفيت سبب ڇهن هفتن بعد هي آرٽيڪل لکي رهيو آهيان. ان وچ۾ رڪارڊ برساتن سبب مها ٻوڏ اڳي ئي ورهايل ملڪ کي ٻن حصن ۾ چٽو ڪري ڇڏيو آهي.ڏکڻ مها ٻوڏ سبب اپاهجي جو شڪار آهي ته اتر ۾ اقتداري رساڪشي سبب جلسا جلوس، سياسي عدالتي ڇڪتاڻ ۽ دهشتگردي جاري آهي. ڪي پي جي 9 ضلعن جي مقابلي ۾ سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جا 58 ضلعا آفت سٽيل قرار ڏنا ويا آهن. سينٽرل پنجاب آفت کان بچيل رهيو آهي. هي سٽون لکڻ وقت سئٽلائيٽ تصويرن موجب سنڌ جو 42,500 چورس ڪلوميٽر علائقو اڃان تائين پاڻي ۾ ٻڏل آهي جڏهن ته باقي ملڪ جو 10,500. سنڌ جي سامونڊي بندرن کي ملڪ سان ڳنڍيندڙ سنڌو جي ٻنهي پاسن تي وڇايل مين ريلوي لائين 1 ۽ 2 توڙي نيشنل ۽ انڊس هاءِ وي ڪيترن هفتن کان بند آهن. خيرپور ناٿن شاهه، جهڏو سميت ڪجھه شهر ۽ سوين ڳوٺ ٻڏي، گهر ڊهي ۽ ڏيڍ ڪروڙ ماڻهو بيگهر ٿي ويا آهن. ميهڙ، جوهي ۽ ٽنڊو آدم شهرين جي ھمت سان بند ٻڌي بچايا ويا آهن. اين ڊي ايم اي موجب ملڪ ۾ 1545 ماڻهو فوت ٿيا آهن جن مان سڀ کان گهڻا 678 سنڌ جا آهن.فقط سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ ٽن ڪمند، 31 لک ڳٺڙيون ڪپھه، 19 لک ٽن سارين کانسواءِ مرچن، بصرن ۽ ٽماٽن جو فصل تباھه ٿي ويو آهي. اڌ لک جانور جن۾ ڳئون، مينهون، ٻڪريون، رڍون، اٺ، گڏھه شامل آهن لڙهي ويا آهن. اهڙي طرح اندازو آهي ته سنڌ ۾ عام ماڻهن جي معيشت کي 2 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي. جن۾ ڏھه لکن کان وڌيڪ گهرن، انساني جانين، بيمارين، بيروزگارين ۽ اپاهجين جي ڪٿ شامل ناهي. پر ان صورتحال باوجود اين ڊي ايم اي، سنڌ سرڪار ۽ وفاقي ادارن پاران وقتائتن هنگامي قدمن جي کوٽ نظر اچي رهي آهي. عام طور ڪنهن دشمن ملڪ جي حملي جا جيڪي ٽارگيٽ هوندا آهن اھي برسات حاصل ڪري ورتا آهن پر ذميدار ادارن پاران نه ته انجي اڳواٽ بچاءَ جي تياري ڪئي وئي هئي ۽ نه ئي ڪي ترت هنگامي اپاءَ ورتا ويا. دادو ۾ بجلي جي گرڊ اسٽيشن کي بچائڻ لاءِ 36 ڪلاڪن ۾ ٻن ميلن کان ڊگهو قابل تحسين هنگامي بند تعمير ڪيو ويو پر جي جوهي، خيرپور ۽ ميهڙ کي بچائڻ لاءِ به ساڳئي طريقي سان ترت قدم کنيا وڃن ها ته عوام کي شهر بچائڻ ۾ مدد ملي سگهي ها. ملڪ ۾ 4,400 ميل روڊ ۽ 269 پلون تباھه ٿيون آھن. ڪورونا، مهانگائي، ڊينگي بعد بک بيماريون دوائن جي کوٽ رياستي اپاھجي جو منظر پيش ڪري رھيون آھن جنھن کي ٺيڪ ڪرڻ جي خواھش به نظر نه پئي اچي. دنيا به اعتبار نه پئي ڪري ۽ هن وقت تائين فقط چار ڪروڙ ڊالر امداد ملي سگهي آهي.

موسمياتي انتهاپرستي سان گڏ بي حسي، بدانتظامي ۽ بي ايماني سبب ملڪ ۾ ٽن ڪروڙن کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن پر سڀني کان وڌيڪ نقصان سنڌ جو ٿيو آهي ڇو ته ٽن طرفن کان آفت آئي آهي. آسمان مان برسات، دريائي ٻوڏ ۽ بلوچستان جي جابلو علائقن مان برساتي وهڪرن ڪري پاڻي اڃان تائين سنڌ ۾ بيٺل آهي جنهن جي ڊيواٽرنگ جي ضرورت آهي. فقط آگسٽ مهيني ۾ پنجاب جي ڏيڍوڻ جي مقابلي ۾ سنڌ ۾ اٺوڻ تي برسات پئي آهي. سنڌجي شهر پڊعيدن ۾ آگسٽ مهيني ۾ 1187 ملي ميٽر يا چار فوٽ برسات پئي جيڪو 1992ع جي رڪارڊ کان چئوڻ تي آهي. ڪي ماهر دعويٰ ڪن ٿا ته سنڌ ۾ 8 ڪروڙ ايڪڙ فوٽ پاڻي جمع ٿيو آهي يعني جي ڪراچي کان ڪشمور تائين سڄي سنڌ هموار هجي ها ته هر هنڌ اڍائي فوٽ پاڻي جمع هجي ها! جيڪو ڏهن ڀاشا ڊيمن جي گنجائش برابر آهي. وزيراعليٰ 12 ڪروڙ ايڪڙ فوٽ جي دعويٰ پيو ڪري.ايتري مقدار ۾ پاڻي اچڻ ڪري حمل ۽ منڇر ڍنڍ ملي ويون آهن.منڇر عام حالتن جي 36 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضي مان وڌي 500 تي ڦهلجي چڪي هئي. پاڻي لهڻ جي رفتار چانڊوڪي رات تائين اڀريل سمنڊ، ڀريل درياءِ ۽ گهٽ لاهي سبب سست رهي آهي. انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا موجب سنڌ ۾ زميني لاهي ٽن ميلن تي ھڪ فوٽ جڏھن ته پنجاب ۾ ٽيڻ تي آھي.

رسڪ مينيجمينٽ ۾ ڪم ڪندي سکيو آھي ته ڪنهن خطري کان بچاءَ جي منصوبا بندي لاءِ جيڪي فيڪٽر اھم ھوندا آهن تن۾ خطري Threat جي نوعيت، امڪان، طاقت، ٻن واقعن وچ ۾ وقفو شامل آهن پر نظام اندر موجود ڪمزوريون vulnerabilities سڀني کان وڌيڪ اهم آهن. ڌرتي گرم ٿيڻ سبب موسمياتي تبديليون سموري دنيا کي تبديل ڪري رهيون آهن. وڌندڙ آبادي، گلوبلائزيشن، صنعتي، ٽرانسپورٽ ٻارڻ ڪري فطرت کي انسان ڪاوڙائي ڇڏيو آهي جنهن موسمياتي انتهاپرستي کي جنم ڏنو آهي. گرين گئسن خارج ٿيڻ ۾ وڏو حصو امير ملڪن ۽ ميگا شهرن جو آهي پر ان جي ڀوڳنا غريب ملڪن ۽ ٻهراڙين کي ڀوڳڻي پئجي رهي آهي. جنهن کي فطرت جي بدلي سان تشبيھه ڏني پئي وڃي. 2010ع کان پوءِ ڏهن سالن بعد شدت سان ٻوڏون آيون آهن پر ماهر چون ٿا ته اها شدت هاڻي وڌندي جنهن جو وقفو گهٽجي ٻه سال به ٿي سگهي ٿو. سموري دنيا ۾ موسمي انتهاپرستي جا واقعا وڌي رهيا آهن. لنڊن ۾ آگسٽ ۾ گرمي لاڙڪاڻي جي گرمي برابر هئي. پئرس ۾ گرمي سبب ٻيلن کي باھه لڳي ته يورپ جي ڪجھه علائقن ۾ فصل سڙڻ سبب ڏڪار آيو. ڪوريا جي شهر سيول ۾ هڪ ڏينهن ۾ رڪارڊ برسات سبب شهري ٻوڏ آئي. اڙيسا، ڍاڪا، ڪراچي جو به ساڳيو حال ٿيو. ان جو مک سبب سمنڊ جي سطح تي گرمي وڌڻ سبب پاڻي جي گهڻن بخارن ڪري بادل ڳرا ٿي ڦاٽي cloud burst پون ٿا جنهن ڪري هڪ منٽ ۾ هڪ ملي ميٽر يا ڪلاڪ ۾ ٻه انچ مسلسل تيز برسات پوڻ سبب ٻوڏون اچن ٿيون ڇو ته نيڪال جا رستا يا ته غيرقانوني قبضن ڪري بند آھن يا وڌندڙ پاڻي کي نيڪال ڪرڻ جي صلاحيت نٿا رکن. پاڪستان ۾ عام حالتن ۾ چئوماسي جي برسات جون ٽي سائيڪلون ٿينديون آهن پر هن دفعي وڌي اٺن چڪرن تي پهچي چڪيون آهن.

عالمي ماحولياتي انڊيڪس 2020ع جي بدتري ۾ پاڪستان پنجين نمبر تي پهچي چڪو آهي. پهرين چئن نمبرن تي انڊيا، مئنمار، ويٽنام ۽ بنگلاديش آهن. جن کي موسمي انتھا پرستي سبب سخت خطرو آھن، پر ڪمزوريون يا  vulnerabilities   سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ آھن جيڪي موسمياتي انتھاپرستي کي وڌيڪ نقصانڪار بنائين ٿيون جن۾ زميني بيھڪ، تڪراري ڊرينيج اسڪيمون، ٽڪرن ۾ ورھايل گورننس جو پيچيدو نظام، خراب گورننس، سرڪار جي عدم دلچسپي، سرڪاري ملازمن جي غيرذميداري شامل آهن. مقرريون ۽ بدليون ميرٽ تي ٿيڻ بدران اسيمبلي ميمبرن جي خواهش موجب ڪري سنڌ کي جاگير بنايو ويوآھي جتي پڇا ڳاڇا ناھي.

سردي مٿان آهي ۽ بي گهر شهري بيمارين، بنا ڪنھن ڇت ۽ صاف پاڻي جي موت جي منهن ۾ آهن. هن وقت تائين 100 کان وڌيڪ پرڏيهي جهاز امدادي سامان کڻي ڪراچي، سکر، پنڊي پهچي چڪا آهن جن مان سڀني کان گهڻا عرب امارات، آميريڪا ۽ ترڪيه جا آهن پر ان۾ حيرت نه ھئڻ گھرجي ته سرڪاري شاميانه ڪٿي ڪٿي نظر ايندا. متبادل سياسي گروپن به موقعو وڃائي ڇڏيو آهي ۽ ڪو متبادل امدادي پروگرام جاري نه ڪيو آهي. ڪن فردن پنهنجن تعلقات جي مدد سان شاندار امدادي ڪم ڪيا آهن جن جي همت افزائي ڪرڻ گهرجي. سوشل ميڊيا تي نظر ايندڙ فردن کان علاوه سوين ميڊيا شرميلا فرد به ان مهم ۾ شامل آھن. انهن فردن کي پنهنجو نيٽ ورڪ ٺاهي منظم نموني امداد گڏ ڪرڻ ۽ متاثر علائقن ۾ ضرورت موجب گهربل امداد ورهائڻ ۽ سرڪار کي مليل سامان ۽ رقم تي نظر رکڻ جو ڪم ڪرڻ گهرجي. خاص طور نوجوانن کي ھن نادر موقعي دوران اڳيان اچڻ گھرجي جن وسيلي سياسي خال کي ڀري سگهجي ٿو. ياد رهي ته مشرقي پاڪستان ۾ ڀاشاني جي اثر کي شيخ مجيب جي “ٻيڙي” جي نشان واري پارٽي ٻوڏ ۾ عوام جي مدد سبب ئي پوئتي ڇڏيو هو. اھو به سمجھڻ گھرجي ته ٻوڏون اڳتي وڌڻ جا نوان سياسي، معاشي ۽ سماجي موقعا فراهم ڪنديون آھن. نيشنل جيوگرافڪ موجب ٻوڏن سان زمين مٺي پاڻي، معدنيات، لٽ سان ريچارج ٿئي ٿي. جنھن سان اڳتي هلي انسانن، حيوانن توڙي فصلن کي فائدو پھچندو.

سنڌ کي ضرورتن سان مطابقت رکندڙ جديد عدم مرڪزي جمهوري سائنسي گورننس نظام گهرجي. موجوده مدي خارج نظام نون خطرن کي منھن ڏيڻ جي قابل ناھي. چونڊيل حڪومت کي عوام ڏانھن جوابده ھئڻ گھرجي.ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته نيڪال جاقدرتي رستا طاقتور قبضي خورن کان خالي ڪرائي کوليا وڃن. پاڻي نيڪال ڪيو وڃي. سول سروسز کي جاگيردارن ۽ غيرسياسي عنصرن جي اثر رسوخ کان آ جو ڪري ميرٽ تي مقرر ڪري سول سوسائٽي ڏانھن جوابده بنايو وڃي. متاثرن جي بحالي لاءِ ننڍن ننڍن ڳوٺن کي ضم ڪري مٿاهين جڳھه تي هر خاندان لاءِ ٻن ڪمرن، اڱڻ، واش روم ۽ بورچيخاني تي مشتمل پڪا گهر ٺاهڻ جي منصوبا بندي ڪئي وڃي، جتي ڊسپينسري ۽ اسڪول پڻ هجي ۽ روڊ وسيلي ويجهي شهر سان ڳنڍيل پڻ. وزيراعظم، صوبائي حڪومتن کي ٻوڏ متاثرن لاءِ کوليل اڪائونٽن جي آمدني خرچ ۽ سامان جو تفصيل روزانو جاري ڪيو وڃي. ماحول جي خرابي سبب مستقبل ۾ شديد برساتون ۽ ٻوڏون هڪ مستقل عمل ٿي سگھن ٿيون جنهن ڪري شهرن ۽ دريائي علائقن ۾ بنيادي ڍانچي کي تبديل ڪرڻو پوندو. رٿابندي لاءِ مشيني ذهانت جي مدد وٺي اريگيشن سسٽم کي ٻيهر منظم ڪرڻو پوندو جيئن وقت سر وهڪرن جي مانيٽرنگ ڪري انهن کي رستو ڏئي سگهجي. من پسند ڪرپٽ نااهل ڪامورن، وزيرن، ٺيڪيدارن، انجنيئرن ۽ بيلدارن جي برگيڊ کي بدلاڻو پوندو. سنڌ پراون ۽پنهنجن هٿان گهڻو ڀوڳيو آهي، هاڻي ان جو وڌيڪ امتحان نه وٺو. سنڌو وانگر سنڌ به ڪنهن وقت مڇرجي سگهي ٿي ڇو ته فطرت جي انگريز شاعر وليم ورڊس ورٿ موجب درياءَ ۽ ان جا باشندا هڪٻئي کان سکندا رهندا آهن.