پاڻي جي قدرتي لنگهن کي ته سياسي نه بڻايو !

0
288
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ هن وقت جنهن صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي ان جا ٻه مکيه سبب آهن هڪ سرڪار جي غفلت ۽ ٻيو پاڻي جي قدرتي لنگهن تي قبضا. اهي قبضا به سرڪار جي راضپي کانسواءِ ممڪن ئي نه آهن جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته جيڪڏهن سرڪار قدرتي لنگهن تي قبضا ٿيڻ نه ڏئي ها ته سنڌ شايد ههڙا ڏينهن نه ڏسي ها.پر ڇا ڪجي سرڪار هيڏي تباهي کانپوءِ به اک پٽڻ لاءِ تيار ناهي ته عام حالتن ۾ انهي کي عوام جي پرواهه ٿئي ها اها ڳالهه ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي. هن وقت هڪ طرف سڄي سنڌ برساتي ٻوڏ ۾ ٻڏي رهي آهي ته ٻئي طرف وري انهي پاڻي جي نيڪال تان سنڌ ۾ خانه جنگي پيدا ٿيڻ جو خطرو ٿي پيو آهي ۽ ماڻهو آمهون سامهون اچي ويا آهن. جيڪڏهن سرڪار انهي معاملي کي به پنهنجي روايتي انداز ۾ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪٿي ڪا وڏي خونريزي ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته پاڻي جي نيڪال تان هلڪا ڦلڪا جهيڙا اسان وٽ هونئن ئي معمول هوندا آهن ڪٿي ڪٿي ته انهي پاڻي جي نيڪال تان خون به ٿي پوندا آهن. اهڙي صورتحال هن وقت هاڪڙو ۽ پراڻ ۾ گڏ ٿيل پاڻي تي پيدا ٿي رهي آهي جنهن جي نيڪال تان ٽن ضلعن جا ماڻهو آمهون سامهون ٿي چڪا آهن ۽ سرڪار سياسي مصلحتن سبب  لاچار بڻيل آهي .

کوسڪي، جھڏو، پنگريو ۽ ملڪاڻي جي ٻوڏ متاثر ھزارين ماڻهن پاڻي نيڪال لاءِ ايل بي او ڊي سم نالي کي211 آرڊي وٽان ڪٽ ھڻڻ لاءِ پھريان کوسڪي باءِ پاس تي 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ۽ بعد ۾ مظاھرين پيادل مارچ ڪري شادي لارج باءِ پاس تي مين ٿرڪول روڊ بند ڪري 24 ڪلاڪن کان ڌرڻو هڻي ويٺل آهن، هنن جو چوڻ آهي ته   جيڪڏهن انتظاميا ايل بي او ڊي سم نالي جي 211 آرڊي کي ڪٽ ڏئي ته ڪيترن  علائقن جو پاڻي پراڻ ڍوري ۾ نيڪال ٿي سگهي ٿو، پراڻ ڍورو قدرتي پاڻي جي گذرگاهه آهي جنهن تي بااثر ماڻهن قبضو ڪري ورتو آهي. ان ڪري ڪيترائي شھر ۽ علائقا برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهن، هنن چيو ته مجبور ٿي هتي آيا آهيون، بنا ڪٽ ڏيارڻ جي واپس نه وينداسين.هوڏانهن وري ڪلوئي ڀرسان نيوي چڪ تي زيرو پوائنٽ وٽان امڪاني ڪٽ خلاف مقامي رهواسي نيوي چڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ٿرڪول ڪراچي روڊ تي ڌرڻو هڻي ويٺل آهن. هنن ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڪجھه ماڻهو آر ڊي 211 وٽان کڏو ڏسي چون ٿا ته ڪٽ ڏنو وڃي، پر انهن کي ايتري خبر ناهي ته آر ڊي وٽان ڪٽ ڏنو ويو ته بدين ضلعي جي ٻن کان ٽن يوسيز سميت ڪلوئي تعلقو پاڻي هيٺ اچي ويندو ۽ چار سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويندا.هنن چيو ته جيڪڏهن ايل بي او ڊي سم نالي کي ڪٽ ڏنو ويو ته اسان جي لاشن تان گذرڻو پوندو. اها سڄي صورتحال رڳو ان ڪري پيدا ٿي آهي ته سرڪار ڪٿي نظر نه پئي اچي نه ئي آبپاشي کاتو پنهنجي ذميواري نڀائيندي پاڻي کي گذارڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. جنهن ڪري جيڪو جتي ڏاڍو آهي اهو پنهنجي مرضي سان پاڻي کي لنگهه ڏئي رهيو آهي جنهن سان جيڪڏهن ڪو نقصان ٿئي ٿو ته ان جي کين ڪا به پرواهه ناهي هر ڪو رڳو پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

اسان سمجهون ٿا ته اها سڄي صورتحال رڳو ان ڪري پيدا ٿي رهي آهي جو پاڻي کي لنگهه ڏيڻ جا فيصلا علائقي جا بااثر ڪري رهيا آهن جنهن ڪري اهي بااثر پاڻ ۽ پنهنجون ٻنيون ٻارا بچائي باقي ٻين سڀني کي ٻوڙڻ کان نه ٿا مڙن، اهي لقاءَ وارهه کان وٺي ميهڙ ،ڪي اين شاهه کان وٺي جوهي تائين به نظر آيا جنهن ڪري نه ڪير بچي سگهيو نه ئي پاڻي نيڪال ٿي سگهيو ۽ هاڻي به سڄي سنڌ ۾ پاڻي ڦيرا ڏئي رهيو آهي ۽ وڌيڪ تباهيون ڪري رهيو آهي .پاڻي ايترو آهي جو اهو نقصان ضرور ڪندو پر جيڪڏهن سرڪار وقت سر فيصلا ڪري ها ته نقصان کي گهٽائي سگهجي پيو. هاڻي به وقت آهي ته سرڪار پاڻي جي قدرتي لنگهن بابت فيصلا سياسي مصلحتن بدران فني گهرجن مطابق ڪري ته جيئن خانه جنگي جهڙي صورتحال کان بچي سگهجي.