مورو ۾ ڊليوري لاءِ آيل عورت آپريشن دوران فوت، غفلت جو الزام، احتجاج

0
183

مورو (ن پ ا) مورو شھر جي درس روڊ تي قائم نجي ميڊيڪل سينٽر ۾ ڊليوري لاءِ آيل عورت آپريشن دوران فوت تي وئي.

فوتي عورتن جي وارثن ڊاڪٽرياڻي تي غفلت جو الزام هڻندي احتجاج ڪيو ۽ ڊاڪٽرياڻي ۽ سينٽر مالڪ مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جي گھر ڪئي.

مورو شهر جي نوراني ڪالوني جي رهواسي محمد حسن ڍلو جي گھر واري کي ڊليوري لاءِ درس روڊ تي قائم محمد اقبال ميڊيڪل سينٽر ۾ داخل ڪرايو.

جتي آپريشن کان پوءِ عورت جي طبيعت اوچتو خراب ٿيڻ تي ڊاڪٽرياڻي کيس نوابشاھ ريفر ڪيو، نوابشاھ اسپتال ۾ موجود ڊاڪٽرياڻي چيڪ اپ ڪري وارثن کي ٻڌايو ته عورت ٽي ڪلاڪ اڳ فوت ٿي چڪي آھي.

وارث لاش کڻي واپس مورو پھتا جتي جان محمد ڍلو، الله بخش ڍلو شاھنواز ڍلو ۽ ٻين ميڊيڪل سينٽر جي ڊاڪٽرياڻي عاصمه عالماڻي مٿان غفلت جو الزام هڻندي احتجاج ڪيو.

هنن چيو ته اسان گذريل رات درس روڊ تي قائم نجي ميڊيڪل سينٽر محمد اقبال ۾ محمد حسن ڍلو جي گھر واري کي داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽرياڻي عاصمه عالماڻي آپريشن جو چيو ۽ آپريشن ۾ پٽ ڄائو ۽ تقريبن ٽي ڪلاڪ گذرڻ بعد ڊاڪٽرياڻي چيو ته عورت جي طبيعت ناساز ٿي وئي آھي جيڪا ڪوما ۾ ھلي وئي توھان ھن کي تڪڙ ۾ سرڪاري اسپتال نوابشاھ کڻائي وڃو.

هنن چيو ته اسان عورت کي نوابشاھ کڻائي وياسين جتي ڊاڪٽرياڻي ٻڌايو ته تقريبن 3 ڪلاڪ پھرين عورت فوت ٿي چڪي آهي، ڊاڪٽرياڻي عاصمه عالماڻي اسان سان وڏو ظلم ڪيو، سندس خلاف قانوني ڪارروائي ڪري محمد اقبال ميڊيڪل سينٽر کي سيل ڪيو وڃي.