موجوده صورتحال ۾ في الحال چونڊون نه ٿيون ڪرائي سگهجن: اسحاق ڊار

0
124
موجوده صورتحال ۾ في الحال
موجوده صورتحال ۾ في الحال چونڊون نه ٿيون ڪرائي سگهجن: اسحاق ڊار

اسلام آباد: ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته هاڻوڪي صورتحال ۾ في الحال چونڊون نه ٿيون ڪرائي سگهجن، نگران حڪومتن جي انتظام هيٺ هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ سان بچت يقيني بڻائي سگهبي

 ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چونڊن جي خرچن وارو بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو

اسحاق ڊار چيو ته آئين تحت پارليامينٽ جي بالادستي هڪ حقيقت آهي، عدليه سميت ٻين ادارن جي حدن جو تعين ڪيو ويو آهي

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته شفاف چونڊون ڪرائي، اڳوڻي حڪومت جي گهرو ۽ پرڏيهي پاليسين جي ڪري هاڻوڪي صورتحال ۾ في الحال چونڊون نه ٿيون ڪرائي سگهجن

هي به پڙهندا

قومي اسيمبلي، سينيٽ: سمورين اسيمبليز جون چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ وارو ٺهراءُ منظور