ملير پوليس جي ڪارروائي، پابندي مڙهيل تنظيم جا ٻه مبينا دهشتگرد گرفتار

0
653

ملير(ن پ ا) اسٽيل ٽائون پوليس ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سجنان گروپ جي ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار دهشتگرد سيف الله ۽ حضرت بلال عرف بلال 2013 ۾ ٽي ٽي پي سنجان گروپ ۾ شموليت اختيار ڪئي، ٻئي دهشتگرد افغانستان مان تربيت يافته آهن، سندن قبضي مان شارٽ مشني گن، دستي بم، ايمونيشن ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار دهشتگرد ڪراچي جي علائقي منگهو پير مان ٽي ٽي پي جي نالي تي ڀتو وٺي سجنان گروپ جي ڪمانڊر فخر الدين عرف ملنگ جي حوالي ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو، دهشتگرد سيف الله عرف محسن عرف صدام 2013 ۾ ناردرن باءِ پاس تي نيٽو جو سامان وٺي ويندڙ ڪنٽينر کي باهه ڏئي ساڙڻ جو اعتراف ڪيو آهي، واردات کانپوءِ جوابدار ڪراچي کان فرار ٿي ڪري شوال جي علائقي ۾ هليو ويو هو جتي ساٿين سان گڏجي پاڪستان آرمي جي جوانن تي حملن جو به انڪشاف ڪيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن ويسٽ جي علائقي منگهوي پير ۾ نوجوانن کي ٽي ٽي پي شامل ٿيڻ لاءِ جو به انڪشاف ڪيو، جوابدار ڀتار خوري سوڌو ڌاڙن جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث هئا، جوابدارن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي ۽ وڌيڪ گرفتاريون به ٿي سگهن ٿيون.