پاڪستان ۾ غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ لاءِ فيڪٽريز کُليل آهن:مريم نواز

0
159

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آھي تھ پاڪستان ۾ غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ لاءِ فيڪٽريز کُليل آهن، پاڪستان ۾ جيڪو جيترو محبِ وطن هوندو، اُن کي غداري جو ايترو وڏو لقب ملندو آهي، نون ليگ جِي نائب صدر مريم نواز آزاد ڪشمير جي علائقي فار ورڊ ڪهٽو ۾ جلسي کي خطاب ڪيو، مريم نواز چيو ته عمران خان والاريل ڪشمير جو ڪيس هارائڻ بعد آزاد ڪشمير کي صوبو بڻائڻ گهري ٿو، عمران خان آزاد ڪشمير ۾ به نئون اي ٽي ايم ڳولي ورتو آهي، عمران خان والاريل ڪشمير جو ڪيس هارائڻ بعد آزاد ڪشمير کي صوبو بڻائڻ گهري ٿو عمران خان آزاد ڪشمير ۾ به نئون اي ٽي ايم ڳولي ورتو آهي، عمران نيازيءَ ڪشمير به گروي رکي ڇڏيو آھي، ڪشمير ڪيس ڪمزور نه جعلي وڪيل عمران ڪمزور آهي، ڪشميرين جون قربانيون رائگان نه وينديون، سليڪٽڊ جيان اوهان کي مودي حوالي نه ڪنداسين، مريم نواز وڌيڪ چيو تھ ناڪام پرڏيهي پاليسي پاڪستان کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آھي، اسلام آباد مان افغان سفير جي نياڻي اغوا ڪئي وئي، ناڪام پرڏيهي پاليسي سبب سي پيڪ منصوبو بند ٿي ويو، ناڪام پرڏيهي پاليسي سبب داسو ۾ چيني انجنيئرز تي حملو ٿيو، ھن چيو تھ نااهل پي ٽي آءِ حڪومت سان ڪو به دوست ملڪ گڏ ناهي:مريم نوازعمران خان ملڪ لاءِ نحوست بڻيل آهي، حڪومت ملڪ جي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آھي، جيڪڏھن آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي تھ رستن تي اينداسين.