مري سانحو: فوت ٿي ويلن لاءِ مالي امداد جو اعلان

0
140
مري سانحو: فوت ٿي ويلن لاءِ مالي امداد جو اعلان
مري سانحو: فوت ٿي ويلن لاءِ مالي امداد جو اعلان

ڪراچي(م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار مري سانحي ۾ فوت ٿي ويلن لاءِ مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي

پنجاب جي وڏي وزير فوت ٿي ويلن جي وارثن لاءِ 8-8 لک رپيا مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي

ٻئي طرف عثمان بوزدار برفباري متاثر سان علائقن جو دورو ڪيو ۽ سانحي جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ لاءِ گهرو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي، جڏهن ته مري کي ضلعي جو درجو ڏيڻ جو به اعلان ڪيو آهي

ان کان علاوه مري ۾ 2 نوان ٿاڻا 2 پارڪنگ پلازا ٺاهڻ جي منظوري ڏني وئي، عثمان بوزدار مري ۾ اوور چارجنگ هوٽلن خلاف به ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو

مري سانحي جي شروعاتي جاچ رپورٽ وڏي وزير کي پيش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 7 جنوري تي 16 ڪلاڪن ۾ مري ۾ 4 فوٽ برف پئي، 3 جنوري کان 7 جنوري تائين 1 لک 62 هزار گاڏيون مري ۾ داخل ٿيون

رپورٽ موجب برفباري دوران ڪاربن مونو آڪسائيڊ سبب گاڏين ۾ موجود 22 ڄڻا فوت ٿي ويا، 16 هنڌن تي وڻ ٽٽي ويا ۽ ٽريفڪ بلاڪ ٿي وئي جڏهن ته 21 هزار گاڏين کي واپس موڪليو ويو، شروعاتي رپورٽ ۾ وڏي وزير مري ۾ حد کان وڌيڪ گاڏين جي آمد تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو

مري سانحَي جَي ذميوارن جو تعين ڪرڻ لاءِ جاچ به جاري آهي، ڪوهه مري ۾ برفاني طوفان جَي ٽن ڏينهن بعد به زندگي معمول تي نه اچي سگهي، پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي بند، موبائيل فون سروس به متاثر آهي ۽ مري ۾ ڦاٿل سياح واپس هليا ويا

ٻئي پاسي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد فوتين جي وارثن سان ملاقات ڪئي آهي