مدئجي (ن پ ا) مدئجي ٿاڻي تي سول جج ڳڙهي ياسين مشتاق جوکيو ڇاپو هنيو، پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو.ڳوٺ صوڀو خروس واسي اياز خروس جي درخواست تي سول جج ڳڙهي ياسين مدئجي ٿاڻي تي نصرالله خروس جي آزادي لاءِ ڇاپو هنيو.پوليس سول جج کي ٻڌايوته نصرالله خروس کي سوا ڪلو گرام چرس سميت گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو آهي،سول جج ڳڙهي ياسين ايس ايچ او مدئجي ۽ وڏي منشي کي سومر ڏينهن رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو،اياز خروس ٻڌايو ته پوليس ڀاءُ کي ٽي ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو، آزادي لاءِ ٻه لک رشوت گهري نه ڏيڻ تان پوليس ڀاءُ مٿان چرس جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي، هن اختيارين کي اپيل ڪندي چيوته نوٽيس وٺي ڀاءُ مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري ڪوڙو ڪيس ختم ڪري انصاف ڏياريو وڃي.