مدئجي: نوجوان جي گرفتاري خلاف سکر-لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو

0
208
مدئجي: نوجوان جي گرفتاري خلاف سکر-لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو
مدئجي: نوجوان جي گرفتاري خلاف سکر-لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو

مدئجي (رپورٽر) مدئجي جي ڳوٺ نبي آباد جي رهواسين پاران پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مسمات ليلا خاتون، رابيلا خاتون جي اڳواڻي ۾ ڪلهوڙا برادري جي مردن ۽ عورتن سکر- لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو هنيو،

ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته مدئجي پوليس بناجواز اسان جي نوجوان بابل ڪلهوڙو کي بااثرن جي چرچ تي گرفتار ڪيو آهي، نوجوان کي آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.