مبارڪپور (ن پ ا) مبارڪپور لڳ ڪراچي واسي يارهين جماعت جو شاگرد نور واهه ۾ وهنجندي ٻڏي فوت، لاش هٿ نه آيو، ڳولا جاري. خبر موجب ڳوٺ ناڙيوال ڪٽو وٽ نور واهه ۾ وهنجندي 20 ورهين جو يارهين جماعت جو شاگرد شھزاد علي ولد عمران سومرو ٻڏي ويو، اطلاع تي وارثن پهچي لاش جي ڳولا ڪئي پر نه ملي سگهيو، جنهن بعد ٽوٻا گهرايا ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان شھزاد علي سومرو شڪارپور جي علائقي ڳوٺ شاهل خان سڌايو جو رهواسي هو جيڪو ڪراچي رهندو هو ۽ فرسٽ ايئر جا پيپر ڏيڻ لاءِ ڳوٺ آيل هو.