ماحولياتي گدلاڻ جو درياهن تي اثر

0
119
تربيلا منگلا ڊيمن جو ڀرجڻ ۽ لٽجڻ

سنڌ ۾ اسڪارپ منصوبن جو زهريلو پاڻي واهن ۾ اڇلايو وڃي ٿو جنهن ڪري مٺي تي خراب اثر پوي ٿو ۽ هو ڪوڙو ٿي وڃي ٿو. لاچار اهو آهي ته اسان گدلو پاڻي ڪٿي وجهون؟ جو جتي به اهو وڌو ويندو اهو واهن ۽ ٻين ذريعن کي خراب ڪندو، اسان وٽ ٻيو آپشن ڪونهي ، ڪوٽڙي وارين صنعتن جو پاڻي به واهه ۾ وڌو وڃي ٿو ۽ اهو زهريلو پاڻي ڪي بي فيڊر جي مٺي پاڻي کي خراب ڪري ٿو، ٻئي پاسي حيدرآباد جي ڊرينن جو پاڻي ڦليلي واهه ۾ وڌو وڃي ٿو جنهن ڪري اهو پاڻي ڦليلي واهه جي پاڻي کي خراب ڪري ٿو ۽ هيٺيان علائقا دانهون ڪن ٿا، جيئن بدين جا علائقا ٽنڊو حيدر وغيره. هدايتون اهي آهن ته انهي زهريلي پاڻي کي ٽريٽ ڪري واهن ۾ وجهو پر انهي تي عمل گهٽ ٿئي ٿو جو ڪارخانيدارن کي انهي لاءِ جدا پئسا خرچ ڪرڻا پون ٿا.
پوءِ ڇا ڪرڻ کپي؟
اسانکي ٻين علائقن مان سبق حاصل ڪرڻ کپي. لاهور جو هڪ درياهه آهي راوي انهي درياهه کي دنيا جو سڀني کان وڌيڪ گدلو درياهه سڏيو ويو آهي، اهو هنن ٽن درياهن مان هڪ آهي جيڪو سنڌ طاس معاهدي ۾ هندستان ڏي هليو ويو، اسانکي به ان جو پاڻي ملندو هو پر سنڌ طاس معاهدو ٿيڻ کانپوءِ ان جو پاڻي اسان ڏي نٿو اچي.
راوي ۾ گدلاڻ جو سبب:
انهي جو سبب APS ٻڌايو وڃي يعنيActive pharmeciticel ingridient يعني دوائن جا تيز جزا. انهن جي وڌڻ جو ٻيو سبب اهو به ٻڌايو وڃي ٿو ته لاهور ويجهو هڪ منصوبو ٺاهيو وڃي ٿو جنهن جو نالو آهيRavi river front urban development project جنهن کي سولي سنڌي ۾ دريائي راوي تي شهري آبادي وارو منصوبو چئي سگهجي ٿو. انهي منصوبي ڪري به راوي درياهه ۾ گدلاڻ وڌندي جو سڄو سيوريج جو پاڻي درياهه ۾ وڌو ويندو. مٿين رپورٽ نيويارڪ يونيورستي جي جاري ڪيل آهي. انهي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پيراسٽا مال، نڪوٽين، ڪيفين، مرگهي ۽ زيابيطس جا جزا آهن، انهن سڀني ڪري درياهه راوي هڪ ڊرين ۾ مٽجي ويو آهي جنهن ڪري انهي ۾ صحت ۽ صنعتي زيان جا جزا شامل آهن.
ٻئي پاسي اهو به چيو وڃي ٿو ته هڏيارا سم نالي کي به راوي ۾ وڌو ويندو، وري اهو به چيو وڃي ٿو ته سنڌ طاس معاهدي کانپوءِ هندستان سڄو گدلو پاڻي راوي ۾ وجهي ٿو، وري ان خلاف ٿيندڙ هڪ نمائندي اهو به چيو آهي ته هو شهر ٺاهڻ واري منصوبي جي مخالفت ڪندو ته اهو نه ٺهي، ڪنهن به زرعي زمين تي شهر ڪيئن ٿو ٺهي سگهي. انهي منصوبي سان لاهور ويجهو درياهه جي ليول به وڌندي، ٻئي پاسي اهو به چيو وڃي ٿو وزيراعظم پاڪستان عمران خان چوي ٿو انهي منصوبي جي ڪري 40 نيون فيڪٽريون هنيون وينديون، ماڻهن کي روزگار ملندو ۽ ٻاهرين ملڪن کان ناڻو ايندو جو هن وقت تائين 1.5 ملين ڊالر امداد هينئر تائين پهچي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان رڳو ماڻهن لاءِ گهر ئي نٿا ٺاهيون پر انهن کي پابند ڪندا سون ته پنهنجي دوائن واري پاڻي جو نيڪال انهي کي تريٽ ڪري درياهه ۾ وڌو وڃي ته جيئن درياهه ۾ گدلاڻ نه وڌي.
اهي سڀ ڪرڻ لاءِ ضروري آهن پر انهن تي عمل ٿيڻ ڏکيو آهي، پوءِ ڇا ڪجي؟ اسان رڳو راوي درياهه جي ڳالهه ڪئي سين پنجاب وارا پاڻ ڄاڻن انهي بابت هو ڇا ٿا ڪن پر سنڌ جو مسئلو ٻيو آهي. اسان کي گدلو ۽ گندو پاڻي ڪلري بگهار فيڊر ۾ نه وجهڻ کپي ۽ اريگيشن وارو سم نالين جو پاڻي واهن ۾ نه وجهڻ کپي، انهي لاءِ اڳئي قانون ٺهيل آهي، پر انهي تي عمل ڪرائڻ جي سخت ضرورت آهي. جي ايئن نه ٿيو ته هيٺيان ماڻهو دانهون ڪندا رهندا ۽ ڪجهه نه ٿي سگهندو، الله ڪري ايئن ٿئي – آمين!