لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي ايوب ڪالوني جي رهواسي قربان مڱڻهار احتجاج ڪندي چيو ته ٻنهي ڄنگهن ۽ ڳالهائڻ جي سگهه کان محروم پٽ عبدالرحمان مڱڻهار کان  جيلس بازار روڊ وٽان 2 اڻ ڄاتل ڦورو ويل چيئر ڦري پٽ وس آهر مزاحمت ڪئي پر ظالمن کيس مار ڪٽ ڪري ويل چيئر ڪاهي ويا، اهڙي واقعي جو اطلاع حيدري ٿاڻي تي ڏنو، پوليس ٺلها آسرا ڏئي موٽائي ڇڏيو آهي.