لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ نئون ديرو جي ڳوٺ سانول واسي پيرسن سماجي ڪارڪن محمد صديق جروار لاڙڪاڻي ۾ دانهيو ته برساتن سبب اسان جا گهر ڊهي پيا، لاڙڪاڻي جي هڪ اسڪول ۾ عارضي رهائش اختيار ڪئي آهي، رات وارو کاڌو صبح ۽ صبح وارو کاڌو رات جي وقت ڏئي اسان جي صحت سان کيڏي پيو وڃي ان سان معصوم ٻارڙن سميت عورتون ۽ مرد پيٽ جي سور، الٽي، دست ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. هن مطالبو ڪيو ته معياري کاڌو ڏئي اسان جون زندگيون بچايون وڃن.