قومي اسيمبلي ۾ مالياتي بل جي شق وار منظوري جاري

0
301
سرڪاري ملازمن جي پگهار ڪيتري وڌندي: وفاقي سرڪار اڄ نئين مالي سال جي بجيٽ پيش ڪندي
سرڪاري ملازمن جي پگهار ڪيتري وڌندي: وفاقي سرڪار اڄ نئين مالي سال جي بجيٽ پيش ڪندي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ مالياتي بِل پيش ڪرڻ لاءِ رِٿ نيٺ منظور، اپوزيشن طرفان 3 ڀيرا زباني راءِ شماري کي چئلينج ڪرڻ بعد ڊپٽي اسپيڪر هليو ويو، اسپيڪر اسد قيصر طرفان ووٽنگ ڪرائڻ بعد بل جي اڪثريت راءِ سان منظوري جو اعلان، رٿ جي حمايت ۾ 172 ۽ مخالفت ۾ 138 ووٽ وڌا ويا، اسپيڪر جي اعلان بعد ناڻي وفاقي وزير شوڪت ترين طرفان مالياتي بل 2021 پيش ڪيو ويو، اجلاس ۾ حڪومت طرفان پيش ڪيل مالياتي بل جي شق وار منظوري جاري آھي، وزيراعظم عمران خان به قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ موجود آھي. اڳوڻو صدر آصف زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به اجلاس ۾ شريڪ، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف مالياتي بل تي ووٽنگ واري اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي.