قمبر (خاص نمائندو) قمبر جي ماھي مڪول ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ علي بخش  پهنور جو رھواسي 12 سالن جو نينگر واجد علي پٽ امام الدين پنهور ڳوٺ ڀرسان وھندڙ حاصلا شاخ ۾ مبينا طور ٻڏي فوت ٿي ويو، اطلاع تي پوليس ٻڏي ويل نينگر جو لاش شاخ مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.