گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ جي گمس اسپتال  ۾ آمريڪي عورت جولي نمان جي پتي جو ڪامياب آپريشن، آمريڪن مريض عورت صحتياب ٿيڻ بعد آمريڪا رواني ٿي وئي. جولي نمان پنهنجي وڊيو بيان ۾ ان حوالي سان ٻڌايو ته ڪجهه وقت کان پتي ۾ تڪليف هئي. آمريڪا ۾ اهڙي آپريشن لاءِ 4 کان 6 مهينن جو پراسيس هو. بهترين اسپتال لاءِ آن لائين سرچ ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته پاڪستان جي سنڌ صوبي ۾گمس اسپتال ۾ پتي جي مفت آپريشن ۽ علاج جون بهترين سهولتون موجودآهن. گمس اسپتال گمبٽ اسپتال پهچڻ بعد يقين آيو ته واقعي هي صحت جو هڪ وڏو ۽ بهترين ادارو آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهڙا ادارا آمريڪا ۾ به ٺهڻ گهرجن جتي ماڻهن کي ترت ۽ بهتر علاج ملي سگهي. جولي نمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته انڊيا ۾ به صرف 5 سيڪڙو لِور ٽرانسپلانٽ مفت ٿين ٿا، باقي جيري جا آپريشن پرائيويٽ اسپتالن ۾ ڪيا وڃن ٿا، جنهن تي تمام گهڻو خرچ اچي ٿو. جولي نمان ڊائريڪٽر گمس ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي سميت ڊاڪٽرن ۽ عملي جو شڪريو ادا ڪيو. هوڏانهن ڊائريڪٽر گمس  ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي ٻڌايو ته گمس صحت جي شعبي ۾ ايشيا جو وڏو ادارو ثابت ٿيو آهي.آمريڪا سميت ٻين ملڪن مان مريض علاج لاءِ رابطي ۾ آهن. جولي نمان گوگل تي سرچ ڪري رابطو ڪيو هو، جيڪا 4 ڏينهن اڳ گمس آئي هئي، پتي جي ڪامياب آپريشن بعد هوءَ صحتياب ٿي آمريڪا رواني ٿي وئي آهي. ٻاهرئين ملڪن مان مريضن جو گمس ۾ اچڻ سنڌ لاءِ اعزاز آهي.