فيبروري ۾ ٻه ڏينهن ڪهڙا هوندا جن ۾ هر دعا قبول ٿيندي

0
832

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان جي مشهور علم نجوم جي ماهر راجا حيدر اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ مهيني فيبروري ۾ ٻه ڏينهن اهڙا هوندا جنهن ۾ هر خواهش پوري ٿي  سگهي ٿي

راجا حيدر تازو ئي هڪ ويب شو ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ هن تفريحي صنعت سميت ڪيتريون ئي اهم اڳڪٿيون ڪيون آهن

شوبز جي مشهور اداڪارائن جي طلاق

هن نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته هڪ خوبصورت ۽ سنهڙي اداڪاره آهي جنهن جي شادي هن سال 7 جون کان اڳ ختم ٿي ويندي ۽ هوءَ اعلان ڪندي ۽ اسان کي ٻڌائيندي ته اسان الڳ ٿي وياسين

راجا حيدر پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته سندن طلاق بابت رڳو افواهون ئي نه آهن، هي اداڪارا پاڪستان جي ٽاپ 5 اداڪارائن ۾ شمار ٿئي ٿي ۽ ان کي اولاد ناهي

هن چيو ته جيڪڏهن اها شادي ختم نه ٿي ته پوءِ 2024ع ۾ تمام خراب ۽ بدنامي سان ختم ٿي ويندي

”فيبروري ۾ 2 ڏينهن جيڪي توهان چاهيندئو اهو ملندو“

هن سال جي حوالي سان راجا حيدر چيو ته هن سال ٻه ڏينهن اهڙا اچي رهيا آهن جنهن ۾ توهان جيڪو ڪجهه گهرندئو توهان کي ملندو، جيڪو توهان ڪندئو اهو 10 ڀيرا وڌيڪ ٿيندو

هن انهن ٻن ڏينهن جو ذڪر ڪندي چيو ته اهي تاريخون 2 فيبروري 2022 ۽ 22 فيبروري 2022 آهن، انهن تاريخن تي جيڪا به دعا گهري ويندي سا قبول ٿيندي

هن سال 7 وڏيون شاديون ٿينديون، جن مان 2 ۾ طلاق ٿي ويندي: راجا حيدر

نجومي ٻڌايو ته هن سال پاڪستاني شوبز ۾ 7 وڏيون شاديون ٿينديون جن مان ٻه هن ئي سال ختم ٿي وينديون