فطرت سان هٿ چراند ڪندڙن کي ڪير روڪيندو ؟

0
125
فطرت سان هٿ چراند ڪندڙن کي ڪير روڪيندو ؟

 پوري سنڌ ۾  فطرت سان جيڪا زيادتي ڪئي وڃي ٿي ان جو مثال پوري دنيا ۾ ڪٿي به ملي نه سگهندو، ڇو ته اسان وٽ ڪنهن کي به ڪنهن به قسم جي جهل پل نه آهي ۽ سڀ ڪو مرضي جو مالڪ آهي جيڪو وڻي سو ڪندو وتي. اسان وٽ قانون ڪتابن  تائين محدود آهن  باقي عمل ڪرڻ يا ڪرائڻ جي لاءِ ڪو به تيار نه آهي، جنهن جو وڏو ۽ زنده مثال وڻن جي واڍي آهي. وڻن وڍي  گاڏيون ڀري  روزاني جي بنياد تي مکيه روڊن تان گذرن ٿيون جتان هر روز اعليٰ آفيسر به گذرندا آهن ۽ اهي روز ڏسن به  ٿا هي ظلم ٿي رهيو آهي مجال آ جو ڪير انهن کان پڇا ڪري ته هي توهان ڪاٺ ڪيڏانهن کڻي وڃي رهيا آهيو ۽ توهان هي وڻ ڇو وڍيا آهن توهان کي ڪنهن اجازت ڏني آهي؟ جيڪڏهن ڪو هڪ آفيسر ايڪشن کڻي ته مان سمجهان ٿو ته ڪنهن حد تائين انهن ۾ گهٽتائي اچي ويندي اسان کي ڪنهن به قسم جو فڪر يا ڳڻتي نه آهي ته هي ظلم ڪنهن سان ٿي رهيو آهي ۽ ڇو ٿي رهيو آهي؟ اچو ته هاڻي وڻن جي واڍي جي فائدي ۽ نقصان تي هڪ نظر وجهون.

 جيئن انساني زندگي جي واڌ ويجهه لاءِ کاڌي پاڻي ۽ اناج جي ضرورت آهي اهڙي طرح وڻن ۽ ٻوٽن جي به ايتري ۽ اهم ضرورت آهي پر اسان وٽ تعليم ۽ شعور اهو آهي ئي نه جو انهي ڳالهه کي سمجهي سگهجي. اسان جي پراڻي دور جا ماڻهو وڻن کي وڍڻ عيب سمجهندا هئا سواءِ ضرورت جي  وڻ جي ڇيت کي به هٿ نه لڳائيندا هئا پنهنجي ٻنين تي وڻن وڏي تعداد ۾ پوکيندا هئا ته جيئن سردي گرمي ۾ مال متاع کي ٻڌڻ جي ڪم اچن ۽ انسان به ان وڻ جي ڇانو هيٺيان ويهي سڪون يا آرام حاصل ڪري يا فقير ڦڪرو يا ڪو مسافر يا خانه بدوش اچي پنهنجا خيما کوڙي ويهي رهي.

ٻيو ته هي وڻ انساني زندگي جي لاءِ آڪسيجن جا سڀ کان وڏو ۽ اهم ذريعو آهن  جنهن رفتار سان وڻ وڍجي رهيا آهن ته پوءِ اسان کي هن مهل ساهه کڻڻ ۾ ڪم ايندڙ آڪسيجن ۾ ڪمي ايندي ته پوءِ اسين هٿ هڻنداسين جڏهن ڳالھه هٿن مان نڪري ويندي پوءِ اسين ڇا ڪري سگهنداسين؟وڻن جي واڍي سان بارشن جو به سلسلو ٽٽي پوندو آهي ۽ اسان وٽ بارشون صرف نالي ماتر ئي هاڻي پونديون آهن انهي  ڪري جيڏانهن ڪيڏانهن خشڪ سالي ڪر کنيو بيٺي هوندي ۽ جيڪڏهن بارشون پونديون آهن ته اهي وري فائدي بدران نقصان جي برابر هونديون آهن ۽ اهي بارشون وري ٻوڏن جي صورت ۾ تبديل ٿي زمينن کي کڻي وينديون آهن ۽ سسٽم ۾ وڏو بگاڙ اچي ويندو آهي. وڻن جا ٿڙ ۽ پاڙون ڇاٻ ٿي ڪري پاڻي جي وهڪرن کي روڪين ٿيون ۽ پاسن کان پاڻي لٽ ( سلٽ) گڏ ڪري تباھه ۽ برباد ٿيل زمينن کي هڪ دفعو وري آبادي جي لائق بڻائينديون آهن.

جيڪڏهن اسان وٽ وڻ گهڻي تعداد ۾ هوندا ته اسان جو مال متاع پکي پکڻ به خوش هوندا ۽ انهن جي رهائش به محفوظ هوندي ته هو جوءِ ڇڏي نه ويندا جيڪڏهن انهن جي کاڌ خوراڪ ۽ رهائش جي جاءِ محفوظ نه هوندي ته اهي پنهنجا آکيرا ڇڏي ڪنهن ٻئي خطي جو رخ ڪندا جتي انهن کي ضرورت جون شيون ميسر هونديون. جنهن جو چٽو ثبوت اسان جي جهنگلن ۾ ڳچ عرصو اڳ ۾ مختلف قسمن جا جانور رهندا هئا جڏهن اسان آهستي آهستي فطرت سان هٿ چراند ڪرڻ شروع ڪئي ته اهي به آهستي آهستي پنهنجو پاڻ کي محفوظ نه سمجهي سگهيا ۽ هتان هليا ويا. اڄ اسان جا جنگلات جتي نالي ماتر وڻ ۽ ٻوٽا بچيا آهن پر اتي ڪو به جانور يا پکي  اسان کي نه ملندو. هاڻي ته ڪاڇي ۾ به  وڻن جا دشمن ڪاهي پيا آهن ۽ بي رحمي سان وڻن جي واڍي جو سلسلو پنهنجي عروج تي آهي ۽ هاڻي ڪاڇي مان ڄال ( ڄار) جو وڻ تقريبن ختم ٿيڻ تي آهي جنهن ڪري ڪاڇي واسي هاڻي پيرون جي جهڙي ميوي کائڻ کان به محروم ٿيندا پيا وڃن جيڪي پيرون مائٽن دوستن کي سوکڙي تحفي طور ڏنا ويندا هئا ۽ ٻيو وڏو نقصان  ڪاڇي ۾هي  ٿئي ٿو ته گاج جي ٻوڏن جي ڪري ماڻهن جا گهر پٽ پئجي وڃن ٿا ته پوءِ منهه، ڇپر يا لانڍي جي ترت تيار ڪرڻ لاءِ ڪاٺي ڪا نه  ٿي ملي.جڏهن ته ڪاڇي ۾ گئس آهي ئي ڪو نه رڌ پچاءَ جو ڪم ڪاٺي تي ٿيندو آهي ۽ اها هاڻي ڪاٺي ايتري مهانگي ٿي وئي آهي جو وٺڻ کان ڳالھه ڳري ٿي وئي آهي هڪ اٺ ڪاٺين جو تقريبن 2000روپين ۾ ملي ٿو. جتي وڻ اوهان کي ججھي مقدار ۾ ملندو اتي رهندڙ ماڻهو به اوهان کي معاشي طور مضبوط ۽ مستحڪم ملندو جتي وڻ ججھي تعداد ۾ نه هوندو اتي ماڻهو غريب ۽ مفلس ملندو.

اسان جي بدقسمتي چئجي يا بدنصيبي  چئجي جو اسين پنهنجو پاڻ لاءِ پاڻ تباهي ۽ بربادي جو وکر گڏ ڪري رهيا آهيون جنهن جو اسان کي ڪو پتو ئي نه آهي. جيڪڏهن اسان کي وڻن جي واڍي جي ٿيل نقصان جو پتو نه آهي ته اسان ڪنهن ڏاهي،سمجهه واري  ماڻهو سان صلاح مشورو ڪريون ته اسان جو هي وڻ وڍي رهيا آهيون ان سان ايندڙ وقت ۾ اسان کي ڪهڙيون مشڪلاتون درپيش اچي سگهن ٿيون. جيڪڏهن اٻوجهه ماڻهو   ڪنهن کان صلاح مشورو نه ٿا ڪن ته ڏاها ۽ اديب ماڻهو ميدان ۾ ڪاهي پون ۽ پنهنجو پاڻ کي هروقت تيار رکن ۽ مختلف ڳوٺن واهڻ وستين ۾ وڃن ۽ ماڻهن سان اهڙي قسم جون ڪچهريون ڪري انهن کي نقصان کان آگاهه ڪن.  وقت جي حڪمرانن جي مٿان به انهي ڳالھه جي پوري ذميواري آهي ته اهي به اسيمبلي ۾ قانون پاس ڪرائي وڻن جي واڍي تي ڊگهي عرصي  لاءِ پابندي لڳرائين ۽ قانون تي سئو سيڪڙو عمل ڪرايو وڃي ۽ نوان وڻ ٻوٽا جلد کان جلد پوکيا وڃن ته جيئن ٿيل نقصان جو ازالو ٿي سگهي ۽ هي سورن جو ستايل سماج ٻيهر جيئڻ جي لاءِ ڪنڌ کڻي بيهي سگهي. جيڪڏهن ترت ايئن نه ڪيو ويو ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ هي زمين ٽامو ٿي ويندي ۽ اتي ڪير به رهي نه سگهندو.

سڌريل ملڪن جي ماڻهن وٽ انسان ته ڇا  حيوانن ۽ وڻن جي به زبردست  اهيمت آهي جيڪڏهن انهن ماڻهن کي ڪنهن ڪاٺي جي ضرورت پئجي وئي ته اهي هڪ وڻ کي وڍيندا ته انهي وڻ جي پوراءُ لاءِ ٻيا ڪيترائي وڻ پوکيندا. ڇو ته انهن کي اها سڌ آهي ته وڻ ماحول ۽ سموري جيوت جي لاءِ اهم آهي ته پوءِ اسين انهي اهم ضرورت کان محروم ڇو رهجي وڃون؟