غوثپور (رپورٽ: ظفر ڀيو) دراني مهر پوليس ڪچي ۾ اغوا ڪندڙن ٽولي جي ڳجهي اطلاع ملڻ  تي ڪاروائي ڪندي مبينا مقابلي بعد ھڪ مغوي کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪشمور پوليس جو آپريشن ھلندڙ ھو اطلاع مليو ته ڌاڙيل مغوي کي ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ ڏانهن منتقل ڪري رھيا آهن، بروقت ڪچي واري علائقي ۾ پهتاسين ته ڏوهارين پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪري ڏني. جوابي فائرنگ ۾ ڏوهاري وجھه وٺي فرار ٿي ويا. پوليس مبينا مقابلي بعد مغوي احمد علي ميراڻي کي بازياب ڪرائي ورتو . ٻئي پاسي علائقي واسي پوليس جي اھڙي دعويٰ کي تسليم ڪونه پيا ڪن  علائقي ۾ چوٻول آھن ته مغوي جي بازيابي راڄوڻي ڪوششن بعد عمل ۾ آئي آھي.