ڪراچي (م ڊ) سال جو پهريون چنڊ گهرڻ سڀاڻي ٿيندو، جيڪو پاڪستان ۾ به ڏسي سگهبو. ان ڏس ۾ انسٽيٽيوٽ آف اسپيس سائنس جي ڊائريڪٽر جاويد اقبال موجب گرهڻ دوران چند معمول کان 10 سيڪڙو گهٽ روشن هوندو آهي. جاويد اقبال موجب زمين جو ڇاپو چنڊ جي رڳو 58 سيڪڙو حصي کي ئي ڪور ڪندو. چنڊ گرهڻ پاڪستان جي معياري وقت موجب 5 مئي جمعي تي رات جو 8 وڳي 14 منٽن کان شروع ٿيندو ۽ رات جو 10 لڳي 22 منٽن تي عروج تي پهچندو، چنڊ گرهڻ جي پڄاڻي ڇنڇر 6 مئي تي رات 12 لڳي 31 منٽن تي ٿيندي، مجموعي طور تي چنڊ گرهڻ جو دورانيو 4 ڪلاڪ 17 منٽ هوندو. چنڊ گرهڻ پاڪستان سان گڏوگڏ يورپ، ايران، عراق، گڏيل عرب رياستن، روس ۽ چين سميت ڪيترن ئي ايشيائي ملڪن ۾ به ڏٺي ويندي.