ملير (رپورٽ: ناز شر) ڪراچي جي سنڌي وسندي عبدالله شاهه غازي ڳوٺ تي پوليس چڙهائي، عورتن ۽ ٻارن تي وحشياڻي تشدد خلاف ايس يو پي جي سڏ تي ماروئڙا ڳوٺ کان عبدالله  شاھ غازي ڳوٺ تائين هزارين ڪارڪنن ۽ ڳوٺاڻن  جي ريلي، عبدالله شاهه غازي ڳوٺ پهچڻ تي ريلي احتجاجي جلسي ۾ تبديل، ايس يو پي، ايس ٽي پي، قومي عوامي تحريڪ، جسقم، عوامي جمهوري پارٽي، جماعت اسلامي ۽ ٻين پارٽين جي مرڪزي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،  جلسي کي خطاب ڪندي ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه چيو ته عبدالله شاھ غازي ڳوٺ تي اينٽي انڪروچمينٽ، پوليس ۽ روينيو عملدارن پاران ڪيل چڙھائي افسوس ناڪ آهي، هن چيو ته پ پ  14 سالن کان اقتدار ۾ آهي، جيڪا  غير ملڪين  کي آباد ڪري سندن آبادين کي ليزون پئي ڏئي، جڏهن ته سنڌين خلاف ڪارروايون پئي ڪري، هن چيو ته  انتظاميا بلڊر مافيا سان گڏجي سنڌي وسندين تي چڙهايون ڪري ڌرتي ڌڻين تي تشدد ڪري رهي آهي، اسان سنڌي ماڻهن کي ڪٿي به اڪيلو نه ڇڏينداسين. سنڌ اسيمبلي ۾ گڏيل مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ناڪام ٿي وئي آهي، ڪراچي ۾ بلڊر مافيا جو راڄ آهي، اسان قديم  سنڌي وسندين کي لڏائڻ جي ڪابه سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، عبدالله شاهه غازي ڳوٺ جي متاثرن جو آواز سنڌ اسيمبلي ۾ اٿاريو ويندو، اسان ڌرتي ڌڻين سان گڏ آهيون، قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو خطاب ڪندي چيو ته افغانين جي ڪچي آبادين کي پڪو ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي بل پاس ڪيو آهي، جڏهن ته  ڌرتي ڌڻين کي کي لٺيون ھڻي، سنڌي نياڻين مٿان فائرنگ ڪري  سندن گهر ڊاٺا پيا وڃن.  اها کليل دھشتگردي آهي، اسان غازي ڳوٺ جي رهواسين کي ھتان لڏڻ ڪونه ڏينداسين. سنڌي آباديون حڪمرانن لاءِ اک جو ڪنڊو بڻيل آهن، هن چيو ته پ پ حڪومت 40 لک غير ملڪين کي شناختي ڪارڊ ڏياريا آھن،  افغانين، بنگالين، بيهارين کي ڪالونيون ٺاھي آباد ڪيو آھي پر ڌرتي ڌڻي سنڌين کي ڪراچي مان تڙي ڪڍڻ لاءِ ڪڏھن بلڊر مافيا ته ڪڏھن پوليس کي بي لغام ڇڏيو وڃي ٿو. هن چيو ته غازي ڳوٺ جا رھواسي ھندستان، افغانستان، بنگلاديش کان ناھن آيا، اھي سنڌ ڄاوا آھن، اهي ڌرتي جا وارث آھن، سنڌي ماڻھن کي ڪراچي مان ڪڍڻ جي سازش ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين غلام حيدر شاهاڻي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت بلڊر مافيا سان گڏجي سنڌي وسندين کي وڪرو ڪري رهي آهي، قديم ڳوٺن کي خالي ڪرائڻ لاءِ گهرن کي ڊاهڻ ۽ تشدد سان ڳوٺاڻن کي هيسايو پيو وڃي، هن چيو ته ڏاڍ مڙسي جو اهو سلسلو بند نه ٿيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويندو، جسقم جي اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ چيو ته ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن جي رستا روڪ لاءِ سنڌي ڳوٺن تي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي پ پ کي ووٽ ڪن ٿا پر سنڌ حڪومت ڳوٺن کي پڪو ڪرڻ بجاءِ لينڊ مافيا جي ساٿاري بڻيل آهي، ڪراچي سنڌين جي آهي، هتي ڳوٺ اڏڻ لاءِ ڪنهن ليز جي ضرورت ناهي، جماعت اسلامي جي مرڪزي اڳواڻ مولانا اسدالله ڀٽو  چيو ته هتان جي ماڻهن کي 1990 ۾ الاٽمينٽ ڏني وئي،  ميئر نعمت الله خان جي زماني ۾ غازي ڳوٺ کي بنيادي سهولتون ڏيڻ لاءِ سروي پڻ ٿي هئي، هن چيو ته  پ پ سنڌين جي نالي تي ووٽ ته وٺي ٿي، هاڻ کيس سنڌين جو تحفظ به ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته ڪراچي ۾ سمورن قديم ڳوٺن کي پڪو ڪيو وڃي. ان موقعي تي ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ اعجاز سامٽيو، ايس يو پي (ليڊيز ونگ) جي مرڪزي صدر شيبا مغل، شاعر  مهر ڊٻائي پڻ خطاب ڪيو.