عورت کي مرچن کان الرجي، خوشبوءِ سنگهندي فوت ٿي وئي

0
270
عورت کي مرچن کان الرجي، خوشبوءِ سنگهندي فوت ٿي وئي
عورت کي مرچن کان الرجي، خوشبوءِ سنگهندي فوت ٿي وئي

برسلز (انٽريسٽنگ نيوز) برازيلين عورت کاڌو پچائيندي مرچن جي خوشبوءِ سنگهڻ سبب فوت ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب 25 ورهين جي ٿائيس ميڊيروس پنهنجي خاندان لاءِ کاڌو پچائڻ ۾ مصروف هئي ته کيس غير ارادي طور تي کاڌي ۾ شامل ڪيل ڪارن مرچن جي خوشبوءِ سنگهي ورتي

جنهن سبب سندس ڳلي ۾ ساڙو ٿيو ۽ هوءَ بيهوش ٿي وئي.ٿائيس کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي کيس شروعاتي طبي امداد فراهم ڪئي وئي.ڊاڪٽرن ٻڌايو ته عورت ۾ (Cerebral edema) جي نشاندهي ٿي آهي جيڪا هڪ اهڙي حالت هوندي آهي جيڪا دماغ ۾ سوڄ سبب ٿيندي آهي

طبي ماهرن موجب امڪاني طور تي ٿائيس ميڊيروس کي ڪارن مرچن کان ايلرجي هوندي جيڪا سندس موت جو سبب بڻي موت کان اڳ ٿائيس ڪوما ۾ به وئي هئي پر هوءَ فوت نه ٿي هئي.ماهرن موجب سيريبرل ايڊيما سبب کوپڙي جي اندر دٻاءُ وڌي ويندو آهي جيڪو دماغ ۾ رت جي وهڪري ۽ آڪسيجن جي پهچ ۾ خلل جو سبب بڻبو آهي جنهن سان معمول جا ڪم ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويندو آهي.رپورٽ موجب ان بيماري جي علامتن ۾ مٿي جو سور، اُلٽي اچڻ جا مسئلا ۽ دورا پوڻ شامل آهن