عوام کي ڪوڙا خواب ڏيکارڻ لاءِ آيل ماڻهو جلد اهو سوال ڪندا ته اسان کي ڇو گهرايو ويو: مراد علي شاهه

0
46

ڳڙهي خدا بخش: سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته عوام کي ڪوڙا خواب ڏيکارڻ لاءِ واپس آيل ماڻهو جلد اهو سوال ڪندا ته اسان کي ڇو گهرايو ويو

هن چيو ته 8 فيبروري تي ڏسنداسين ته لنڊن واپس ڪير ٿو وڃي، اڄ کان اسان اليڪشن 2024 جي چونڊ مهم شروع ڪري رهيا آهيون

ڳڙهي خدابخش ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ڪجهه ماڻهو ڏکئي وقت ۾ ملڪ کي ڇڏي ويا، پيپلزپارٽي جا اڳواڻ ڪڏهن به پرڏيهه لڪي نه ويا، شهيد بينظير ڀٽو جي ڪري ملڪ ۾ جمهوريت آهي